فريد آباد ۾ بدامني، چور پوليس چوڪي ڀرسان گهر ٻهاري ويا

فريد آباد ( ن ع آ ) فريدآباد  ۾ سماجي اڳواڻ استاد رجب علي چانڊيو جو گھر ڏنل مسواڙ تي ويٺل شبير شاھ جو سامان گھر جا تالا  ٽوڙي گھر ۾ پيل سامان الماڙي بيتيون جا تالا ٽوڙي نامعلوم چور ڪپڙا، رليون ھنڌ بسترا ،  ڪرسي، الماڙي سامان سميت ھزارين روپين جو سامان ٻھاري ويا، جڏهن ته جڳھه جي گيٽ آڏو پوليس رات جو چوڪي قائم ھوندي پوليس کي اکين ۾ سرمو پارائي چوري ڪري ويا ، جڏهن ته فريدآباد  شھر ۾ پوليس ۽ چوڪي جو سسٽم ھوندي بدامني وڌي وئي ۽ چورين جو آزار وڌي ويو, ھوڏانھن گھر جو مالڪ سماجي اڳواڻ استاد رجب علي چانڊيو صحافين کي ٻڌائيندي چيو ته فريدآباد شھر ۾ گھرمان نامعلوم چور الھ تلھ ٻھاري ويا ـ پوليس منهنجي گھر جي گيٽ آڏو رات جو چوڪي ڏيندي آهي گھر ۾ ڪير به ڪو نه ھو ـ سڄي شھر ۾ چوڪي جو سسٽم آهي پوء به چوري ٿي وئي آهي ھن آء جي سنڌ ـ ايس ايس پي دادو کان گھر ڪئي ته چوري ٿيل سامان واپس ڪرائي ڏنو وڃي ۽ چورن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو وڃي ھوڏانھن  فريدآباد  ٿاڻي تي اين سي داخل نٿي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.