ٺٽي ۾ احساس ڪفالت پروگرام جا ٽوڪن نه مليا، عورتن جو ڌرڻو

ٺٽو(ڊ ر ) ٺٽي ۾ احساس ڪفالت پروگرام جو ٽوڪن نہ ملڻ خلاف عورتن جو سينٽر اڳيان قومي شاھراھ تي احتجاجي مظاھرو ۽ ڌرڻو، زوردار نعريبازي. ٺٽي شھر ۾ ميونسپل ڪميٽي ٺٽو ۾ نادرا پاران قائم ڪيل  احساس ڪفالت پروگرام جي سينٽر ۾ تعلقي جي مختلف علائقن مان پھتل عورتن کي سڄو انتظار ڪرائڻ بعد کين ٽوڪن نہ ملي سگھيا، جنھن جي ڪري سوين عورتن سينٽر اڳيان قومي شاھراھ تي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھڻي ويھي رھيون، جنھن جي ڪري ايندڙ ٽريفڪ مڪمل طور تي بند ٿئي وئي ۽ روڊ جي ٻنھي پاسن کان ڪيتريون ئي گاڏيون بيھجي ويون ھيون. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ عورتن چيو تہ ھُو ڏورانھين علائقن کان احساس ڪفالت جا ٽوڪن حاصل ڪرڻ لاءِ سينٽر تي پھتيون پر سينٽر تي موجود عملو کين ٽوڪن ڏيڻ بدران من پسند ۽ رشوت عيوض ٽوڪن ڏئي رھيا آھن. ھنن چيو تہ ھُو غريب ۽ مسڪين آھن، مشڪل سان ڀاڙا ڀري سينٽر تي پھتاسين تہ ھتي عملو بغير رشوت جي کين ٽوڪن ڏيڻ لاءِ تيار ناھن جيڪا ساڻن وڏي ناانصافي آھي. ھنن مطالبو ڪيو تہ نوٽيس وٺي ٽوڪن جاري ڪري دربدر ٿيڻ کان بچايو وڃي.جنھن بعد ٺٽو پوليس جي عملدارن پھچي عورتن سان ڳالھيون ڪري احتجاج ختم ڪرائي روڊ کولرايو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.