لاڙڪاڻي لڳ گهرن تي حملو، فائرنگ، پوليس خلاف احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ڀرسان تعلقي ٿاڻي جي حد ڳوٺ دلي جان ککراڻي ۾ 9 مهينا اڳ هٿياربندن هٿان قتل ٿيل نوجوان جي وارثن قتل ۾ ملوث جوابدارن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو هنن  سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي مقتول جي وارثن بشير احمد، عاشق علي، ضمير علي اسلم خاتون، سورٺ ککراڻي ٻين دانھيندي الزام لڳايو ته 27 جنوري تي جوابدار علي مراد سندس ٻن پٽن واجد، جاويد ککراڻي اسان جي نوجوان زبير احمد ککراڻي کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو هو جنهن جو ڪيس حد جي تعلقي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو ھو جنهن ڪيس جي اڄ لاڙڪاڻي جي مقامي عدالت ۾ ٻڌڻي رٿيل ھئي.  ان ڪيس جي ٻڌڻيءَ لاءِ اسان جا ماڻهو عدالت ويا هئا ته پويان جوابدار ڌر جي علي مراد، جبار سائين رکيو، دلبر، اصغر، حامد ککراڻي ھٿيار کڻي گهرن مٿان حملو ڪري فائرنگ ڪئي. ھنن چيو ته مُک جوابدار علي مراد ککراڻي جا ٻئي پٽ واجد علي ۽ جاويد ککراڻي لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ قيد ڀوڳي رهيا آهن جڏهن مُک جوابدار علي مراد ککراڻي ضمانت تي آزاد آهي جيڪو پنهنجي قاتل پٽن کي بچائڻ لاءِ اسان مٿان حملا ڪري ڌمڪائي رهيو آهي اهڙي دانهن حد جي تعلقي ٿاڻي جي پوليس کي ڏني پر بااثر هئڻ جي ڪري پوليس مُک جوابدار کي گرفتار نه پئي ڪري جيڪو مختلف طريقن سان حراسان ڪري رهيو آهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس اي پي کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي نوجوان جي قتل ۾ ملوث مُک جوابدار کي گرفتار ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.