بدين لڳ چنگچي ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر، عورتن ۽ ٻارن سميت 9 ڄڻا زخمي

بدين  ( ڊ ر ) بدين ويجهو ڪڍڻ روڊ تي آرمي شگر مل سامهون ڊاٽسن چنگچي ۽ موٽر سائيڪل ۾ آمهون سامهون ٽڪر جي نتيجي ۾ چنگچي ۽ موٽر سائيڪل سوار 9 ڄڻا  زخمي ٿي پيا جن ۾ ٻه مرد، چار عورتون ۽ ٻه ٻارڙا زخمي ٿي پيا زخمين کي انڊس اسپتال بدين ۾ داخل ڪيو ويو آهي.

لاڙڪاڻي ۾ ڊرائيورن ۾ جهيڙو، 2 ڄڻا رتورت

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي سول لائين ٿاڻي جي حد سول اسپتال روڊ تي رڪشا ۽ چنگچي وچ ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو جتي رڪشا ڊرائيور ۽ چنگچي ڊرائيور  وچ ۾ منهن ماري ٿي جنهن دوران جهيڙي ۾ سِرون ۽ پانا لڳڻ سبب شهر جي ميروخان چوڪ معظم ڪالوني جو رهواسي رڪشا ڊرائيور غلام قادر سومرو ۽ شهر جي ڀينس ڪالوني واسي چنگچي ڊرائيور مختيار مگسي سخت زخمي ٿي پيا اطلاع تي حد جي ٿاڻي جي پوليس پهچي ٻنهي زخمين کي حراست ۾ وٺي سول لائين ٿاڻي تي آندو جتي ٻنهي ڌرين ۾ ٺاهه بعد کين علاج لاءِ چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو جتي کين طبي امداد ڏني وئي.

درياخان مري ۾ دڪان جي ڇت ڪرڻ سبب 2 پورهيت دٻجي زخمي

دريا خان مري (ن ع آ) دريا خان مري ميناره محله م اٽي واري چڪي جي ڇت اوچتو ڌماڪي سان ڪري پئي ڇت ڪرڻ سبب اٽي واري چڪي تي مزدوري ڪندڙ غلام  محمد خاصخيلي ماجد راجپوت دانش عرف داني راجپوت ڇت جي ھيٺان دٻجي ويا شھرين ۽ ڀرپاسي جي دڪاندارن فوري طور تي پھچي مزدورن کي ڪڍي فوري طور تي علاج لاء اسپتال منتقل ڪيو اٽي جي چڪي تي ڪم ڪندڙ مزدورن موجب چڪي تي ڪم ڪري رھيا ھياسين ته اوچتو ڇت دماڪي سان ڪري پئي ۽ اسان ڇت مٿان ڪرڻ سبب ڪريل ڇت ھيٺان دٻجي وياسي ڇت ڪرڻ جي ڌماڪي جي آواز تي شھرين۽ ڀرپاسي جي دڪاندارن پھچي اسان کي ٻاھر ڪڍي علاج لاء اسپتال پھچايو جڏھن ته زخمين کي اسپتال مان فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد روانو ڪيو ويو اسپتال جي ڊاڪٽر موجب زخمين کي فرسٽ ايڊ ڏئي کين آرام ڪرڻ لاء گھر روانو ڪيو ويو آھي.

اڪري چودڳي لڳ ڪار ڪلٽي، ڊائيور حاڪم  علي ڀارو زخمي

اڪري چودڳي (ن ع آ)اڪري ڀرسان مهراڻ هاءِ وي تي محمد شاھ اسٽاپ وٽ اوٻاوڙو واسي ڪار سوارن جي ڪار جو اسٽيرنگ لاڪ ٿيڻ سبب ڪار  ڊرائيور جي ڪنٽرول  نڪري ويئي ڪلٽيون کائي روڊ جي ڀرسان ڪمند جي فصل ۾ ڪري پيئي جنهن سبب ڪار جو ڊرائيور حاڪم علي ڀارو زخمي ٿي پيو جنهن کي فوري طور تي اڪري جي خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي کيس ملم پٽي ڪري روانو ڪيو

وارهه لڳ موٽرسائيڪل ۽ گڏهه گاڌي ۾ ٽڪر، 2ڄڻا زخمي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) نصيرآباد روڊ تي تيز رفتار موٽرسائيڪل ۽ گڏهه گاڏي وچ ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو نتيجي ۾ وارهه تعلقي جي ڳوٺ ظفر  آباد واسي بشير بروهي ۽ سندس سئوٽ شير محمد بروهي سخت زخمي ٿي پيا جن کي آسپاس جي ماڻهن زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي کين طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي زخمين ٻڌايو ته اسين پنهنجي ڳوٺ کان موٽرسائيڪل تي سوار ٿي ڪم سانگهي نصيرآباد وڃي رهيا هئاسين ته نصيرآباد روڊ تي موٽرسائيڪل ۽ گڏهه گاڏي وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ اسين زخمي ٿيا آهيون.

ٽنڊي محمد خان ڀرسان نوجوان ڪرنٽ لڳڻ سبب زخمي، حالت ڳڻتي جوڳي

ٽنڊو محمد خان (ڊ ر)ٽنڊي محمد خان جي ڳوٺ نائون ميل ڀرسان 11 هزار وولٽيج بجلي جي تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 16 ورهين جو نوجوان نويد کوکر سڙي زخمي ٿي پيو ،  جنهن کي ٽنڊو محمد خان جي سرڪاري اسپتال آندو ويو، جتان فوري طبي امداد کانپوءِ ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد اسپتال نيو ويو آهي، متاثر نوجوان نويد کوکر جي عزيزن جو چوڻ آهي ته بجلي جي 11هزار وولٽيج جي تار زمين تي ڪريل آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.