اڪري لڳ نانگ ڪکڻ سبب نينگري فوت

اڪري چودڳي/  ڪرونڊي ( نمائندن وٽان ) اڪري ڀرسان ڳوٺ محب شاھ واسڻ 13 ورهين جي  نورالنساءِ عرف نورڌي غلام سرور موروجو  گهر جي بورچيخاني ۾ اٽي جي پيٽي پويان رکيل بلور کڻڻ لاءِ هٿ رکيو ته اٽي جي پيٽي پويان ويٺل نانگ کيس ڪکي وڌو جنهن کي وارث  فوري طور تي اڪري جي خانگي اسپتال کڻائي ويا پر نانگ جي ڏنگ جي ويڪسين موجود نه هئڻ سبب نينگري  پڪاچانگ رورل هيلٿ سينٽر منتقل ڪيو ويو جتي زهر جو اثر زيادھ ٿي وڃڻ سبب سندس نينگري فوت ٿي وئي نينگري جي فوت ٿيڻ خبر پوڻ تي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو سندس امڙ کي بيهوشي جا دورا ٻئي طرف اڪري ايم سي ايڇ اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر اصغر آرائين موجب  ايم سي ايڇ اڪري پي پي ايڇ آءِ جي زير نگراني ڪم ڪري ٿي پر پي پي ايڇ آءِ وارا اسان کي نانگ جي ڏنگ ۽ ڪتي جي چڪ جي ويڪسين فراهم نه ٿيا ڪن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.