گجو لڳ گاڏي جي ٽڪر ۾ پيرسن فوت

گجو(ن ع آ) قومي شاھراھ تي نامعلوم تيز رفتار گاڏيء پيدل ويندڙ پيرسن شخص کي زوردار ٽڪر ھڻي ڪڍيو نتيجي ۾ ڳوٺ الھڏنو جوکيو  جو رھواسي 55 سالن جو محمد جمن جوکيو ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو، اطلاع تي  پوليس پھچي لاش کي سول اسپتال مڪلي پھچايو۔ پوليس جي چوڻ موجب پيرسن جو ذھني توازن ٺيڪ نه ھو ،رستي تان ويندي نامعلوم گاڏي جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو . سندس سڃاڻپ ٿيڻ تي ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.