رتيديري لڳ نوجوان خودڪشي ڪري ڇڏي

رتوديرو (ن ع آ )رتوديرو لڳ ذهني معذور نوجوان جي مبينا خود ڪشي ، نوجوان پاڻ مٿان بندوق جو فائر ڪري خود ڪشي ڪئي :  خبر موجب رتوديرو لڳ وارثڏنو ماڇي ٿاڻي جي حد واري ڳوٺ ڪمال خان چانڊيو ۾ ذهني معذور نوجوان 19 ورهين جي عبدالرئوف پٽ محمد عرس چانڊيو پاڻ مٿان بندوق جو فائر ڪري مبينا خود ڪشي ڪري ڇڏي . خود ڪشي ڪندڙ نوجوان کي انتهائي زخمي حالت ۾ علاج لاءِ تعلقه اسپتال رتوديرو آندو پئي ويو ته هن زخمن جا سور نه سهندي رستي ۾ ئي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو ضروري ڪارروائي بعد نوجوان جو لاش سندس وارثن حوالي ڪيو ويو.  هوڏانهن واقعي بابت ايس ايڇ او وارثڏنو ماڇي محمد يوسف بوزدار سان رابطو ڪيو ويو ته هن ٻڌايو ته نوجوان جو ذهني توازن ٺيڪ نه هو ۽ هن بندوق جو فائر ڪري خود ڪشي ڪئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.