ميان صاحب ۾ نوڪري لاءِ نڪتل نوجوان حادثي ۾ فوت

ميان صاحب ( ن ع آ ) ميان صاحب ڀرسان سلطان ڪوٽ واسي 26 ورهين جو بيروزگار نوجوان محرم پٽ خان ڪيهر ڪالهه صبح جو  سوير موٽرسائيڪل تي پنهنجا تعليمي ڪاغذ پاڪ آرمي کاتي ۾ نوڪري حاصل ڪرڻ لاء سکر وڃي رهيو هو تہ قومي شاهراهہ شڪارپور جيڪب آباد روڊ تي لوڊرا پوليس اسٽيشن جي حد سيد پئٽرول پمپ ڀرسان سندس موٽرسائيڪل اڳيان ڪتو اچڻ ڪري هن جي موٽرسائيڪل روڊ کان هيٺ ڪري پئي جنهن ڪري هو سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي مقامي ماڻهن ۽ لوڊرا پوليس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ شڪارپور سول اسپتال پهچايو جتي زخمي نوجوان محرم ڪيهر زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو.  اهڙو اطلاع ملڻ تي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ سندس وارث شڪارپور سول اسپتال پهچي فوتي نوجوان جو لاش وصول ڪيو جيڪو گهر پهچڻ تي ماتم مچي ويو وارثن موجب فوتي محرم ڪيهر بيروزگار هو جيڪو پاڪ آرمي ۾ ڀرتي لاء پنهنجا ڪاغذ کڻي وڃي رهيو هو تہ ساڻس حادثو پيش آيو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.