لاڙڪاڻي لڳ ڪتن 10 ڄڻا ڏاڙهي وڌا

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر آسپاس وارن علائقن ۾ رولو ڪتن هڪ ئي ڏينهن هڪ عورت، ٻارڙن ۽ مردن سميت 10 ڄڻن کي چڪ  هڻي زخمي ڪري ڇڏيو جن ۾ فهميده زال علي دوست ڪورڪاڻي، محمد آچر پٽ غني خان جاگيراڻي، عامر پٽ محمد بخش پتافي، زاھد علي پٽ حاجي بوهڙ، زوهيب پٽ امان الله، علي شاهن پٽ عبدالغفار، سڌير پٽ علي شير، محمد عمر پٽ نصير، عقيل پٽ قادر بخش ۽ امتياز پٽ آچر سندن وارثن زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ قائم اينٽي ربيز سينٽر آندو جتي کين ويڪسين ۽ ضروري علاج ڏنو ويو. ان حوالي سان سينٽر انچارج ٻڌايو ته رولو ڪتن جي چڪ سبب زخمي ٿيل متاثرن جو واسطو لاڙڪاڻي شهر ۽ آسپاس وارن علائقن سان آهي.  جن کي سينٽر تي آندو ويو جتي کين ويڪسين ۽ ضروري علاج ڏئي گهر روانو ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.