ميان صاحب ۾ مڙس جي ظلمن کان تنگ عورت ٿاڻي تي پهتي

ميان صاحب ( ن ع آ ) ميان صاحب ڀرسان ڳوٺ مندو واهه جي رهواسڻ مسمات مهلا زال مهردل چانڊيو گذريل رات دير سان پنهنجن  ٻن معصوم پٽن سميت مڙس جي مبينا تشدد خلاف تحفظ لاء  همايون ٿاڻي تي پهتي جتي هن پوليس آڏو دانهيو تہ مٿس مڙس هروڀرو روزانو تشدد ڪري ٿو جنهن ڪري سندس حياتي کي خطرو آهي کيس تحفظ فراهم ڪيو وڃي  ھمايون پوليس متاثر ناري کي ڪالهہ شڪارپور جي عدالت ۾ پيش ڪيو جتي عدالت ناري جي بيان بعد کيس سندس والد حاجي چانڊيو جي حوالي ڪرڻ جو حڪم ڪيو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.