ٽڪ ٽاڪ تان بندش هٽائي وڃي: يوٿ ايڪشن ڪميٽي

حيدرآباد(رپورٽر) سماجي اڳواڻن ۽ نوجوانن وفاقي حڪومت پاران پاڪستان ۾ ٽڪ ٽاڪ تي بندش هڻڻ واري عمل کي نوجوانن جي  قابليت کي اجاگر ڪرڻ ۽ صحتمند سرگرمين ۾ رڪاوٽ وجهڻ سان ان عمل کي اظهار راءِ جي آزادي تي وار قرار ڏنو آهي. ان سلسلي ۾ يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ سنڌو نواز گهانگهرو جو چوڻ آهي ته جمهوري ملڪ ۾ ٽڪ ٽاڪ هجي يا ٻيو ڪيتريون ئي سماجي رابطن واريون ويب سائيٽ هجن انهن سمورين ويب سائيٽن تائين عوام جي رسائي هجڻ گهرجي،  پاڪستان ۾ نوجوانن جي تفريح ۽ پنهنجو صلاحيتون ڏيکارڻ جي لاءِ ڪا به سهولت ناهي، راندين جا ميدان ختم ٿي ويا، صحتمند سرگرميون مڪمل طور تي ختم ٿي چڪيون آهن، اهڙي صورتحال ۾ نوجوان ٽڪ ٽاڪ جهڙين ويب سائٽن تي ويهي ڪنهن نه ڪنهن سرگرمي جو حصو بڻجن ٿا، ٽڪ ٽاڪ جي ذريعي ڪيترائي نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون دنيا جي آڏو پنهنجين صلاحيتن کي مڃايو آهي، ٽڪ ٽاڪ آرٽ کي سهارو ڏيندڙ هڪ ذريعو آهي، ان ڪا خراب ڳالهه ناهي، حڪومت کي پنهنجو فيصلو واپس وٺڻ گهرجي. مسرور شاهه، سماجي اڳواڻ پنهل ساريو، سماجي اڳواڻ جاويد سوز، سماجي اڳواڻ شهزا ملاح، يوٿ اتحاد جي اڳواڻ امجد رند ۽ ٻين مطالبو ڪ3يو ته اظهار راءِ جي آزادي تي بندش جي مخالفت ڪيون ٿا ۽ حڪومت کان مطالبو ڪيون ٿا ته ٽڪ ٽاڪ تان بندش هٽائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.