ڀوتار زمينون، ٻيٽ ۽ وسيلا ڳجهه گوهه ۾ وڪرو پيا ڪن:ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي

حيدرآباد (پ ر) بدين ضلعي جي تعلقي شھيد فاضل راھو جي ترائي يونين ڪائونسل جي ڳوٺ محمد خان نوحاڻي ۾ 2 سئو کان  وڌيڪ ماڻھن عوامي تحريڪ جي باني قائد محترم رسول بخش پليجي صاحب جي پورھيت انقلابي نظريي ۽ فڪر تي اعتماد ڪندي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ عوامي تحريڪ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو، ڳوٺ محمد خان نوحاڻي جي ڳوٺاڻن عوامي تحريڪ جي قيادت جو ترائي شھر وٽ شاندار استقبال ڪرڻ بعد موٽر سائيڪلن ۽ ڪارن جي ريلي ۾ وٺي ڳوٺ ۾ رکيل آجياڻي واري جلسي ۾ پھتا جتي مٿن گلن جي ورکا ڪري اجرڪون پارايون ويون،  جلسي کي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، سينيئر نائب صدر عبدالقادر رانٽو، لال جروار، جاکرو نوحاڻي، مھراڻ درس، ضلعي بدين جو صدرايڊووڪيٽ مير بشير ٽالپر، محمد علي ٽالپر، ڌڻي بخش نوحاڻي، ايڊووڪيٽ رام ڪولھي، ھميرو مل، الھڏنو نظاماڻي، امام الدين نظاماڻي، پچاڻ مل، لکانو خاصخيلي، شاھجھان، حنيف چانڊيو ۽ خليل درس خطاب ڪندي چيو ته ملڪ تي شروع کان وٺي مقتدر قوتن پنھنجا من پسند سليڪٽيڊ حڪمران مقرر ڪري ملڪ جا سمورا انتظامي ادارا ۽ معيشت تباھھ ڪري ڇڏيا آهن  جنھنڪري ملڪ معاشي ۽ انتظامي بحرانن جي ور چڙهي ويو آهي. هنن وڌيڪ چيو ته ارڙهين ترميم کان پوءِ صوبن کي اختيار ملڻ بدران سنڌ جي ڀوتارن کي بااختيار ڪيو ويو آهي، جيڪي سنڌ جون زمينون ٻيٽ ۽ قدرتي وسيلا ڳجھ ڳوھھ ۾ وڪرو ڪري رهيا آهن. ان موقعي تي نور محمدنوحاڻي، ولي محمد نوحاڻي، الهبچايو نوحاڻي، مدد علي، مير حسن، علي حسن، رمضان عرف بابو، سلطان، جمعون، گلزار، حاجي، حضور بخش، نور محمد، سوڀارو، خميسو، عاقل، وحيد، زاهد، حسين، اقبال، منظور علي، احمد خان، محمد خان، جميل، رجب، غلام محمد، غلام حسين شبير، محمد اشرف، حاجي حبيب، عبدالعزيز، عبدالحفيظ، عبدالغفور، عبدالرؤف، غلام حسين، باسط علي، لياقت علي، مختيار علي، محمد رحيم، بيگن، خان محمد، صالح محمد، شبير، جاني، محمد خان، رمضان، مقصود علي، غازي خان ۽ جيوڻ خان  سميت 200 کان وڌيڪ ماڻهن عوامي تحريڪ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.