ٽنڊي محمد خان ۾ شهرين جو ڌمڪين خلاف احتجاج

ٽنڊومحمدخان (ن ع آ)ٽنڊي محمدخان جي شوڪت ڪالوني جي رهواسين ملاح برادري جي ماڻهن جو پنهنجي پورهي جي رقم  گهرڻ تي جان کان مارڻ وارين ڌمڪين خلاف محمد يوسف ملاح عزيز ملاح صالح ملاح مسمات زينت ملاح مسمات رحمت ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ٽنڊومحمدخان اڳيان احتجاجي مظاهري ڪندي دائهيندي الزام هڻندي چيو آهي ته اسان ٽمون جلالاڻي ۾ مڇي جو ڪم ڪندا آهيون پر ٺيڪدار غلام مصطفي ميراڻي کان پنهنجي پورهي جي رهيل رقم واپس ڪرڻ لاءٌ چيو ته ٺيڪدار پنهنجي ساٿين مهراڻ ميراڻي بگن ميراڻي ۽ ٻين سان گڏ اچي اسان جي جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون آهن.  ۽ اسان جي گهران مٿان حملو ڪري اسان جي ماڻهن کي اغواه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي پاڙي وارين پهچي اسان کي ڇڏرايو آهي جنهن جي اين سي ٽنڊومحمدخان ٿاڻي تي داخل ڪرائي آهي پر پوليس پاران ڪابه ڪاروائي نه ڪئي وئي آهي اسان جي ڄاڻايل ماڻهن مان جان جو خطرو آهي هنن ايس ايس پي ٽنڊومحمدخان سميت اعلي اختيارين کان حياتين جي تحفظ جي اپيل ڪئي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.