خانپور ڀرسان ڪوش برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 2 عورتون زخمي

خانپور (ڊ ر ) ڪچي واري علائقي ۾  ڪوش برادري جي ٻن ڌرين الياس ڪوش ۽ ڀيو ڪوش ڌرين ۾ پراڻي خوني تڪرار ٻيهر ڪر کنيو هڪ ٻئي مٿان جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪري ڏني علائقي ۾ خوف ۽ حراس فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ   ڌر جي گولي لڳڻ سبب 55 ساله مسمات عالمي زال بدلو زخمي ٿي پئي جنهن کي پوليس خانپور  اسپتال آندو جتي سندن کي طبي امداد ڏني وئي جڏھن ت ٻي ڌر جي ب ھڪ عورت 50 سالا نظيران زال وريل کي پڻ ڄنگھ  ۾ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پئي جنھن کي پڻ وارث خانپور اسپتال کڻائي آيا جنھن پڻ فرسٽ ٽيڊ ڏئي سکر اسپتال پڻ رفر ڪيو ويو .

نوابشاهه ۾ جمال شاهه واسين جو ايس ايڇ او خلاف مظاهرو

نوابشاهه(ڊ ر) يوسي جمال شاهه جي ڳوٺ الھه ڏتو زرداري جي رھواسي غلام رسول زرداري، محمد نواز زرداري، صغران زرداري، رخسانه زرداري سان گڏ پنھنجي وڏي ڀاءُ علي مردان زرداري، ڀائيٽي امان الله زرداري  ۽ ايس ايچ او شھنشاھه جي زيادتين خلاف نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته منھنجي وڏي ڀاءُ علي مردان زرداري منھنجي ننھن نصيبان جي سڙڻ وارو ڪوڙو ڪيس منھنجي ٻن پٽن سليم زرداري، حليم زرداري ۽ سوئٽ ولي محمد زرداري خلاف داخل ڪرايو آهي ۽ پوليس اسان خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي ۽ ايس ايس ايچ او شھنشاھه ھڪ لک روپيا رشوت طلب ڪري رھيو آھي، ھن مطالبو ڪيو ته مونکي وڏي ڀاءُ ۽ ايس ايڇ او کي ظلمن کان نجات ڏيارڻ وڃي ۽ مونسان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.