ٻانڌي پوليس جي ڪاهه، عورتن سميت 5 ڄڻا کنڀي گم، احتجاج

نوابشاهه(ڊ ر) ٻانڌي پوليس جي اڳواڻي ۾ پوليس جي وڏن اٽالن اٺ موبائلن ۾ سوار ٿي ڳوٺ گلاب ڏاھري تي چڙھائي ڪري ٻن عورتن سميت پنج مردن کي گرفتار ڪري نامعلوم ھنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي، گرفتار  ٿيلن جي وارثن محمد مٺل، ساجد علي، عبدالطيف ڏاھري ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو آهي ته ٻانڌي پوليس جي ايس ايچ او وسيم مرزا جي اڳواڻي ۾ اٺ موبائلن ۾ سوار ٿي اسان جي گھرن ۾ گھڙي چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي عورتن ۽ مردن تي تشدد بعد ٻن عورتن مسمات رابعه ڌي غلام حيدر، زبيدہ ڌي ارباب پنج مردن علي خان، روشن، مجاھد، ياسر ۽ شاهه رخ کي گرفتار ڪري نامعلوم ھنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي، ھنن چيو ته پوليس ڌاڙيلن جيان ڪاروائي ڪري گھرن ۾ گھڙي گرفتارين بعد گھرن ۾ روڪ رقم، سونا زيور ۽ ٻيو سامان کڻي ويا آهن، ھنن چيو ته اڄ سيشن ڪورٽ ۾ پوليس خلاف پٽيشن داخل ڪئي آهي ۽ اسان کي عدالت مان انصاف جي اميد آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.