لاڙڪاڻي جا 6 کنڀيل اڃا قيدي، احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي آزادي لاءِ ڪالھ به سندن وارثن طرفان ڪالھ به پريس ڪلب اڳيان پنهنجي پيارن  جي تصويرن وارا بينر کڻي احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد علامتي بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ اقصيٰ دايو، افسانه دايو، رحمت خاتون سومرو، عبدالڪريم ٽڳڙ، ضياءُ الدين مغيري، عبداللطيف سولنگي ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته لاڙڪاڻي شهر جي نظر پاڙي مان 29 مئي 2017ع تي نوجوان انصاف دايو کي کنڀي گم ڪيو ويو، شهر جي مراد واهڻ پاڙي مان 22 نومبر 2017ع تي اسٽيٽ لائيف جي ملازم غلام مرتضيٰ سولنگي کي، 26 نومبر 2019ع تي خالق ڪالوني مان پورهيت نوجوان غلام عمر مغيري کي کنڀي گم ڪيو ويو، جڏهن ته گذريل 23 آگسٽ تي ڪراچي مان لاڙڪاڻي واسي ٻن ڀائرن شيراز احمد ۽ فراز سومرو کي کنڀي گم ڪيو ويو، جيڪي سڀئي بيگناهه آهن، سندن بابت هن وقت تائين ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي، جنهن ڪري اسان سمورا وارث سخت پريشاني ۽ مايوسي ۾ مبتلا آهيون، گهرن ۾ ڪهرام متل آهي، پنهنجي پيارن جي جدائي سبب انتهائي تڪليف واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون، مسلسل احتجاجن باوجود اسان جي ڪو دانهن ٻڌڻ وارو ڪونهي. هنن وس وارن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي اسان جي پيارن کي آزاد ڪري ڇانيل پريشاني ۽ مايوسي ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.