لاڙڪاڻي مان نوجوان گم، وارث سخت پريشان

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي سچل ڪالوني جي مدرسه فيضان حسين ۾ ديني تعليم حاصل ڪندڙ چار ڏينهن گم ٿيل 16 سالن  جي نوجوان محمد طاهر پٽ مرزا خان چانڊيو جو اڃان تائين ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو جنهن ڪري سندس وارثن گهر ۾ پاڪ ڪتاب جو ورد شروع ڪندي وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته نوجوان جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.  ان حوالي سان نوجوان مفتي احمد حسين حسيني سڪندري ٻڌايو ته ڀاڻيجو محمد طاهر چانڊيو گذريل اڱاري ڏينهن فيضان حسين مدرسي مان نڪرندي گم ٿيو جنهن کي شهر جي مختلف علائقن سميت مائٽن مٽن وٽ ڳولا جي ڪوشش ڪرڻ سان گڏ سندس پيءُ مرزا خان چانڊيو جي فرياد تي حد جي سچل ٿاڻي جي پوليس کي شڪايت ڪئي پر هن وقت تائين نوجوان جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي. هن چيو ته نوجوان مدرسي ۾ حافظ قرآن جي تعليم حاصل ڪندي قرآن پاڪ جا 8 سيپارا حفظ ڪيا آهن سندس جي گم ٿيڻ کان بعد اسان جي گهر ۾ ڪهرام متل آهي ۽ پاڪ ڪتاب جو ورد شروع ڪيو آهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي گم ٿيل نوجوان جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.