ڪلوئي مان مبينا اغوا ٿيل نوجوان جي وارثن جو احتجاج

ڪلوئي (ن ع آ) :هڪ ڏينهن اڳ مبينا اغوا ڄاڻايل نوجوان ڪائونسلر الهڏنو عرف ربڏنو لنڊ جو ٻه ڏينهن گذري وڃڻ باوجود پتو نه  پئجي سگهيو آهي، ان ڏس ۾ سندس وارثن اشرف لنڊ اسلم اعظم عارب ۽ ٻين ٻئي ڏينهن به پريس ڪلب پهچي سندس بازيابي لاءِ احتجاج ڪيو . هنن خدشو ظاهر ڪندي چيو ته نوجوان کي نامعلوم جڳھ تي کڻي وڃي مبينا تشدد ڪيو پيو وڃي اسان کي ڊپ آهي ته کيس قتل ڪيو ويندو اسان جي احتجاج جو ڪنهن به نوٽيس نه ورتو آهي.  ۽ ڪلوئي پوليس بااثرن جي ونگار وهندي اسان جو ڪيس وٺڻ کان انڪاري آهي جنهن سبب نهڙيا ۽ لنڊ برادري ۾ هلندڙ تڪرار برقرار آهي. هنن سيشن جج مٺي، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ميرپورخاص ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.