نصير آباد ۾ ٽائون ملازم کي پگهار نه ملي، علاج نه ٿيڻ ڪري نياڻي فوت

نصيرآباد ( ن ع آ ) ٽائون ڪميٽي نصير آباد جي صفائي ڪندڙ ملازم علي حيدر جي معصوم علاج لاءَ پيسا نـ ھجڻ سبب ويم دوران فوت ٿي وئي ، يڪجھتي طور ٽائون ڪميٽي جي صفائي ڪندڙ ملازمن  معصوم نياڻي جو لاش کڻي ايڊمنسٽريٽر ٽائون ڪميٽي نصير آباد خلاف سخت احتجاج ڪندي علي حيدر شيخ، محسن شيخ، منظور شيخ ۽ ٻين ٽائون ڪميٽي نصير آباد جي ايڊمنسٽريٽر کي معصوم نياڻي جي قتل جو ذميوار قرار ڏيندي چيو ته ايڊمنسٽريٽر اسان ڪچن ملازمن جون پگهارون بند ڪري ڇڏيون آهن، اسان فاڪا ڪشي ۾ گذاري رھيا آھيون، پئسا نه ھجڻ جي ڪري مقتول نياڻي جي ماء جو علاج نه ڪرائي سگھيا سين، ۽ نتيجي طور ويم دوران مئل نياڻي ڄائي آھي، جنهن جو ذميوار ايڊمنسٽريٽر نصيرآباد آھي جنھن خلاف ڪارروائي ڪري اسان کي انصاف ڏنو وڃي ۽ کيس بنا دير ھٽايو وڃي، ٻي صورت ۾ سنڌ سطح تي احتجاج جو آغاز ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.