ڪوٽڏيجي لڳ 12 ٻڪريون چوري، 4 شڪي گرفتار

ڪوٽڏيجي ( ن ع آ ) ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي چونڪي ڄاڃي ٻرڙا جي حد ۾ چورن تر تپائي ڇڏيو چوري ۽ ڦورن روز جو معمول بڻيل  چوڪي انچارج ڊيوٽي تان غائب گذريل رات ڳوٺ مٺڙي مان ڳوٺاڻي عزيز رڏ جون 12 ڀلوڙ ٻڪريون نامعلوم چور چوري ڪاهي آساني سان فرار ٿي ويا ڳوٺاڻن جو ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪندي چيو ته اسان جي علائقي ۾ وڌنڌڙ بدامني تي ڪنٽرول ڪرائي چوري ٿيل 12 ٻڪريون واپس ڪرائي تحفظ ڏنو وڃي ٻئي طرف پوليس ۽ ڀاڳين کوجي ڪتن ذريعي پيرا کيا جيڪو ڳوٺ راڄپاري ۾ ڪٽوهر برادري جي گهر ۾ ويهي رهيا جتان پوليس 4 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتا رابطو ڪرڻ ڄاڃي ٻرڙا چوڪي انچارج شڪور وساڻ پنهنجو موبائيل فون بند ڪري ڇڏيو آخري اطلاعن تائين رابطو نه ٿي سگھيو هو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.