گهوٽڪي ۾ بيواهه مٿان سهري مبينا ڪارنهن الزام لڳائي ڪڍي ڇڏيو

گهوٽڪي (ڊ ر) سرحد ڀرسان ڳوٺ ڄام محمد علي لکڻ ۾ بيواهه عورت عائشه بوھڙ تحفظ ۽ انصاف لاءِ ملوڪ بوھڙ ۽ ڏيرن خلاف  سرحد ٿاڻي تي پھچي رپورٽ داخل ڪرائي ڇڏي، متاثر بيواهه عورت عائشه بوھڙ سرحد پريس ڪلب پھچي پنھنجي ظلمن جو داستان ٻڌائيندي روئي ڏنو. عورت عائشه بوھڙ ميڊيا کي ٻڌايو ته منھنجو سھرو منھنجي محروم مڙس جا پئسا ڦٻائڻ جي لالچ ۾ مون تي ڪارانھن جو ڪوڙو الزام ھڻي قتل ڪرڻ چاھي ٿو. هن سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ کي اپيل ڪئي هت تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.