بدين ۾ جهنگلي جيوت کاتي 6 سئو پکي سوکڙي ڪري ڏئي ڇڏيا

بدين  (ڊ ر ) 10 آڪٽومبر تي هجرت ڪندڙ پرديسي پکين جي عالمي جي موقعي تي جهنگلي جيوت بچاءُ کاتي حيدرآباد جي  ڇاپا  مار ٽيم انچارج اعجاز نونڌاڻي بدين جي انچارج علي محمد نظاماڻي جي اڳواڻي ۾ سيراڻي ڀرسان نريڙي ڍنڍ تي ڇاپو هڻي 10 شڪارين کان هٿ ڪيل 600 کان مٿي پکين جنهن ۾ آڙي چيکلو ۽ ٻيا پرديسي پکي شامل هئا بابت ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته فوٽو سيشن ڪرائڻ بعد پڪڙيل پکين کي هاليجي ڍنڍ تي  آزاد ڪرڻ  جو چئي  بدين ۾ ضلع جي  ڪامورن ۽ بااثر سياسي ماڻهن دوستن ۾ ورهائي ڇڏيا ان سلسلي ۾ ذريعن کان  اهو پڻ معلوم ٿيو آهي موقعي گرفتار ڪيل 10 شڪارين ۽ هزارين رپين جي رڇن مان صرف 3 شڪارين تي معمولي ڏنڊ رکڻ بعد باقي شڪارين کان ڳري رشوت وٺي کين آزاد ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.