سنڌي ادبي سنگت جي ٿيندڙ اڄوڪي چونڊ

ايڊيٽوريل

سنڌي ادبي سنگت مرڪز جي اڄ حيدرآباد چونڊ ٿي رهي آهي. چونڊن جي عمل کي اسان خالص جمهوري عمل سمجهون ٿا ۽ ان اڳڀرائيءَ تي بيحد خوشي جو اظهارڪيون ٿا.سنڌي ادبي سنگت، سنڌ جي انهن ادارن مان هڪ آهي جيڪو سنڌي عوام جو يعني سنڌي اديبن جو پنهنجو ٺهيل آهي. ان ادبي سنگت  ۾ اسان جي سينئر اديبن جو رت ست شامل آهي. ان حساب سان هيءَ سنگت، اسان جي وڏي جو فخر جوڳو ورثو به آهي.

سنڌي ادبي سنگت جي جيڪا تاريخ آهي سا سڀني جي آڏو آهي، ڪتابن ۾ لکيل به آهي. ان تاريخي پسمنظر ۾ اسان بس ايتروئي چونداسي ته جن اديبن هن سنگت جي عزت، شان ۽ فخر ۾ اضافو ڪيو سي اسان جا هيرو آهن ۽ جن اديبن هن سنگت تي جڳ کلايو آهي، سنگت کي تڪراري بڻايو آهي، قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ان جي منشور کي پٺي ڏني آهي ۽ سنگت کي هاڃو رسايو آهي سي اسان جي نظر ۾ زيرو آهن.

اسان جو هميشه کان اهو خيال رهيو آهي ته سنڌي ادبي سنگت جو ڪم رضاڪاراڻو آهي ته ان ڪم کي خوشگوار نموني نڀائڻ گهرجي. رضاڪاراڻي ڪم مان مراد اها آهي ته جنهن اديب وٽ سنڌي ادبي سنگت کي هلائڻ لاءِ وقت هجي تنهن کي واري واري سان موقعو ملڻ گهرجي ۽ سڀني کي اهو رضاڪاراڻو ڪم ڪرڻ جو حق ڏنو ڏجي. پر افسوس ته سنڌي ادبي سنگت جي چونڊن کي به ملڪ جي سرڪاري سياسي چونڊن جهڙو بڻايو ويو آهي. جنهن ۾ هر قيمت تي چونڊ کٽڻ لاءِ ڪوڙيون شاخون ۽ ڪوڙا ميمبر ٺاهي ڌانڌلين جو غير جمهوري طريقو اختيار ڪيو پيو وڃي، جنهن تي ماتم ئي ڪري سگهجي ٿو.

اهوعمل سنڌي ادبي سنگت تي جڳ کلائڻ وارو عمل آهي. ٿيڻ ته ايئن گهرجي ته سنڌي ادبي سنگت جون اهڙيون مثالي چونڊون ٿين جو خود سرڪاري سياسي چونڊون ڪرائيندڙ پاڪستان اليڪشن ڪميشن جيڪر انهن تي رشڪ ڪري ۽ سنڌي ادبي سنگت جي چونڊن جي صاف شفاف طريقي مان اتساهه وٺي. پر افسوس ته سنڌي ادبي سنگت اهڙو جمهوري ۽ اخلاقي مثال قائم ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي.

ان معاملي ۾ ان ڳالهه تي به حيرت جو اظهار ڪري سگهجي ٿو ته اڄ جا سينئر اديب به ان ڄنڊا پٽ کي ڏسندي پاسيرو ٿي ويا آهن جيڪو نه ٿيڻ گهرجي. اسانجو خيال آهي ته سنڌ جي سينئر اديبن کي ٿنڪ ٽينڪ طور اڳتي اچڻ گهرجي ۽ سنڌي ادبي سنگت جي مالڪي ڪرڻ گهرجي. سندن لاتعلقي سبب سنڌي ادبي سنگت جي چونڊ جو معاملو پهريون ڀيرو عدالت ۾ ويو هو جيڪو نه وڃڻ گهربو هو. جيڪڏهن سنڌ جي سينئر ۽ غير جانبدار اديبن جي هڪ ٿنڪ ٽينڪ جوڙيل هجي ۽ اُها سنڌي ادبي سنگت جي رهنمائي ڪري ته جيڪر سنگت جي معاملي کي عدالت ۾ نيئڻ جي ضرورت ئي نه رهي. جيڪڏهن سنڌي ادبي سنگت کي هلائڻ لاءِ ڪا غير جانبدار يا غير تڪراري قسم جي ڪاميٽي جوڙجي ته اها سنگت جو نئين دور ۽ وقت پٽاندڙ نئون اليڪشن طريقو به تجويز ڪري سگهي ٿي. باقي سنگت کي هلائڻ لاءِ هر پئنل کي بلڪل به پنهنجو پروگرام آڻڻ گهرجي.

پنهنجو زور ان ڳالهه تي آهي ته چونڊن جي عمل کي خالص جمهوري ۽ آئيني بڻائڻ گهرجي ۽ ان ۾ ڪنهن به قسم جي ڌانڌلي جو تصور نه هئڻ گهرجي. چونڊن کٽڻ جي لالچ، ضد ۽ انا به نه هئڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته هي رضاڪاراڻو ڪم آهي. ان ڪم ۾ کٽڻ هارائڻ جي سوچ نه هئڻ گهرجي. سنگت جي چونڊ ٿيڻ ئي سڀني جي سوڀ آهي ۽ سوڀ سمجهڻ گهرجي. ڪاش اهڙي روايت قائم ٿئي جو ٽي چار ڀيرا چونڊن ۾ حصو وٺندڙ پئنل ڪجهه سالن لاءِ پاڻمرادو آرام ڪري اخلاقي طور ٻين کي اڳيتي اچڻ جو موقعو ڏئي پر افسوس ته هر قيمت تي چونڊن ۾ بيهڻ ۽ کٽڻ ڪري ڪيترن ئي اميدوارن کي سنگت لاءِ پنهنجيون خدمتون پيش ڪرڻ جو موقعو نه ملي سگهيو آهي پر جيڪڏهن واري واري سان هر ڪنهن کي جائز ۽ ميرٽ تي موقعو ڏنو وڃي ته ان عمل سان سنڌي ادبي سنگت جي تنظيم وڌيڪ سگهاري ٿيندي ۽ وڌيڪ سگهارا نتيجا ڏيندي. ان ڪري سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي چونڊ ڪاميٽي جي پهرين ذميواري اچي ٿي ته اها صاف شفاف چونڊ نظام جو ماحول ٺاهي جو شڪست کائيندڙ پئنل به سندن چونڊن تي آڱريون نه کڻي سگهي ۽ اهو تڏهن ٿيندو جڏهن چونڊ ڪاميٽي هر لحاظ کان غير جانبدار هئڻ جو ثبوت مهيا ڪندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.