پي ڊي ايم کي غير مُوثر بڻائڻ جي مشق

نصرت جاويد

گذريل ڏينهن ڇپيل ڪالم ۾ عرض صرف ايترو ڪرڻو هو ته جناب شهباز گِل ذريعي نواز شريف جي مبينا ”ڀارت نوازي“ جي ڪهاڻي ورجائڻ مان ڪجھه حاصل نه ٿيندو. اهي ڪهاڻيون ته انهن ڏينهن ۾ ئي پکڙجڻ شروع ٿي ويون هيون جڏهن پاڪستان جو ٽي ڀيرا وزيراعظم ٿيڻ کان ڪجھه ئي مهينن بعد نواز شريف نريندر مودي جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت لاءِ دهلي هليو ويو هو. الزام لڳايو ويو ته دهلي ۾ موجود رهندي هن ڪشميري حريت پسند اڳواڻن سان ملاقات کان پاسو ڪيو. پنهنجي پٽ کي گڏ وٺي وڃي ڪجھه ڀارتي سرمائيڪارن سان ذاتي ڪاروباري لاڳاپا قائم ڪرڻ جي امڪانن جو جائزو وٺندو رهيو. بعد ۾ نيپال ۾ سارڪ جي سربراهي ڪانفرنس به ٿي. ڀارت جي مشهور صحافي برکا دت دعويٰ ڪئي ته نيپال ۾ رهڻ دوران هن ڀارتي وزيراعظم سان ”ڳجھي ملاقات“ به ڪئي. ان جي دورِ اقتدار ۾ نريندر مودي اوچتو ڪابل کان لاهور به اچي ويو هو. جاتي امرا ۾ ان ڏينهن مريم نواز صاحبه جي نياڻيءَ جي نِکَيٽِيءَ جي تقريب ٿي رهي هئي. مودي ان ۾ شريڪ ٿيو هو. ان موقعي تي تحفن جي به ڏي وٺ ٿي هئي.

مودي کان سواءِ نواز شريف صاحب جي هڪ ڀارتي سرمائي ڪار سجن جندال سان به لاڳاپن جو گھڻو ذڪر رهيو آهي. انهن ڪهاڻين نواز شريف جو ”ووٽ بينڪ“ ٺپ متاثر ڪونه ڪيو. انڌي نفرت ۽ عقيدت تي ٻڌل ورڇ جي ڪري ”حب الوطني“ وارو ماحول بڻجي نه سگهيو. ان حقيقت کي نگاهه ۾ رکندي ان راءِ جو اظهار ڪيو هيم ته شهباز گِل صاحب ”پراڻي فلم“ هلائيندو رهندو ته اها ”ڊٻو“ ٿي ويندي. بهتر ٿيندو ته ڄاڻايل ڪهاڻي ڪجھه  نين حقيقتن سان ”نئين چهري“ ذريعي بيان ٿين. ان ڏس ۾ چوڌري نثار علي خان جو رواني ۾ ذڪر ٿي ويو. منهنجي ڪجھه پراڻن پڙهندڙن اهو طئي ڪري ورتو ته ٻٽاڪ پڻي جي آڙ ۾ رٽائر ٿيل رپورٽر اها ”خبر“ ڏئي رهيو آهي ته چڪري مان اڀرندڙ راجپوت جيڪو 1985ع کان نواز شريف جي ويجھو ۽ طاقتور ترين ساٿين ۾ سمجھيو ويندو رهيو آهي. ”عدالت مان سزا مليل ڏوهاري“ جي ”ڀارت نوازي“ کي وائکو ڪرڻ لاءِ تيار ويٺو آهي. مون هر گز اها “خبر” ناهي ڏني. چوڌري نثار علي خان سان منهنجو گڏيل احترام جور شتو آهي. ان جي سياست جي انداز تي مون کي هزارين خدشا رهيا. پنهنجي لکڻين ۾ ان جو کليل دل سان اظهار به ڪندو رهيس. ان جي باوجود اسان ٻنهي وچ ۾ گڏيل احترام جي رشتي ۾ ڪا گھٽتائي ڪانه آئي.

چوڌري صاحب هڪ ضدي ۽ ڪنهن حد تائين خود پسند ماڻهو آهي. نواز شريف جي رويي ان کي اداس  ۽ اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي. منهنجي لاءِ اهو طئي ڪرڻ ناممڪن ئي آهي ته چوڌري نثار ۽ نواز شريف جي اختلافن کي ذهن ۾ رکندي ان مان ڪنهن کي درست قرار ڏيان. هونءَ به رپورٽر کان ڪالم نگار ٿيندڙ صحافي کي ”لکڻ“ جو حق عطا ناهي هوندو. ان ڏس ۾ پنهنجي حدن کان چڱي ريت آگاهه رهندو آهيان.

چوڌري صاحب سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻول ٿئي به ٻن سالن کان وڌيڪ وقت گذري چڪو آهي. اڪيلائيءَ ۾ ان سان آخري ۽ ڪافي ڊگھي ملاقات اسلام آباد جي پنجاب هائوس ۾ ان وقت ٿي هئي جڏهن نواز شريف آصف سعيد کوسا هٿان وزارتِ عظميٰ تان هٽائجڻ جي ويجهو پهچي چڪو هو. مون کي لڳو ڄڻ چوڌري صاحب نهايت خلوص سان اهو محسوس ڪري رهيو هو ته پاناما پيپرز جي ڪري اڀرندڙ بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ نواز شريف صاحب مناسب حڪمت عملي اختيار نه ڪئي. هو منهنجي ان راءِ سان به متفق نظر آيو ته نواز شريف کي وزيراعظم هوندي سرڪاري آفيسرن ۽ ايجنسين جي نمائندن تي ٻڌل ان ڪميٽيءَ آڏو پيش نه ٿيڻ گهربو هو جيڪا سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ان جي اثاثن جو حساب ڪرڻ لاءِ جوڙي وئي هئي. بهتر اهو ئي هو ته هو ان ڪميٽي جي آڏو پيش ٿيڻ کان اڳ وزيراعظم جي عهدي تان مستعفي ٿي وڃي ها.

ڪجھه ماڻهو جن کي آئون ”معتبر“ سمجھندو آهيان انهن جي ڪري مون وٽ اها ”خبر“ به آئي هئي ته نواز شريف ان ڪميٽي آڏو پيش ٿيڻ کان اڳ وزارت عطميٰ کان ڌار ٿيڻ لاءِ ذهن ٺاهي ورتو هو. ان خيال کي حقيقت جو روپ ڏيڻ لاءِ ”قوم کي خطاب جو“ متن به تيار ٿي ويو هو، پر منهنجي ان ”خبر“ جي چوڌري صاحب تصديق يا ترديد نه ڪئي. منهنجي ڪهاڻي ٻڌي ميز تي رکيل کاڌي ڏانهن ڌيان ڏياري ڇڏيائين جيڪو ان جي سمجھه ۾ ”ٿڌو“ ٿي رهيو هو. ان ملاقات کانپوءِ آئون ان نتيجي تي پهتو هئس ته نواز شريف سان سمورين شڪايتن جي باوجود هو ڪنهن ٻئي جي سهولت لاءِ ان خلاف استعمال نه ٿيندو. لاهور جي ايچي سن ڪاليج جي ڏينهن ۾ چوڌري نثار، پرويز خٽڪ ۽ عمران خان جگري دوستن جي ٽه مورتي سمجھيا ويندا هئا، پر چوڌري صاحب عمران خان کي سياست کان ”اڻواقف“ قرار ڏيندو آهي. ان جي قيادت ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ به راضي نه ٿيندو. اسان جي ملاقات دوران غلام مصطفيٰ جتوئي مرحوم جو به ڪافي تفصيلي ذڪر ٿيو هو.”مائنس ذوالفقار علي ڀٽو“ ٿي وڃڻ کانپوءِ ”اقتداري حقلن“ جتوئي مرحوم جا وڏا نخرا کنيا هئا. 1981ع ۾ کيس وزيراعظم نامزد ڪرڻ لاءِ تفصيلي ڳالهيون به ٿيون، پر چند اهم نڪتن تي اتفاق نه ٿي سگهيو.  آخرڪار جتوئي مرحوم کي ”جمهوريت جي بحالي جي تحريڪ“ جي بينر هيٺ 1983ع ۾ جيل ڀريو تحريڪ هلائڻي پئي. سنڌ ۾ اها تحريڪ حيران ڪندڙ حد تائين پرجوش رهي، باقي ملڪ جيتوڻيڪ ان کان لاتعلق نظر آيو. بعد ۾ 1985ع ۾ ”غير جماعتي چونڊون“ ٿيون. ايم آر ڊي انهن چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو هو. وزاتِ عظميٰ ان جي نتيجي ۾ پير پاڳاري جي نامزد ڪيل محمد خان جوڻيجي جي حوالي ٿي، پر مئي 1988ع ۾ جنرل ضياءَ ان کي به فارغ ڪري ڇڏيو.

ان کي هٽائڻ کانپوءِ ڪافي وقت اهي افواهون گرم رهيون ته جتوئي صاحب کي نئين چونڊن خاطر قائم ٿيندڙ حڪومت جو سربراهه بڻايو پيو وڃي، پر 17 آگسٽ 1988ع جي هوائي حادثي کانپوءِ اها اسڪيم پروان چڙهي نه سگھي. جتوئي صاحب کي صرف ٽن مهينن لاءِ ”عبوري وزيراعظم“  بڻجڻ جو موقعو آخرڪار آگسٽ 1990ع ۾ ان وقت مليو، جڏهن غلام اسحاق خان محترمه بينظير ڀٽو جي پهرين حڪومت کي فارغ ڪري ڇڏيو هو. انهن کانپوءِ جيڪي چونڊون ٿيون ان جي ڪري نواز شريف پهريون ڀيرو وزيراعظم جي عهدي تي پهتو. غلام مصطفيٰ جتوئي جهڙي قدآور سياستدان جو عملي لحاظ کان اثرائتو ڪردار ان کانپوءِ هميشه لاءِ ختم ٿي ويو. مون کي لڳي ٿو ته چوڌري نثار علي خان موجوده دور جو غلام  مصطفيٰ جتوئي بڻجڻ لاءِ تيار نه ٿيندو. اهو فريضو ضرورت وقت ڪو ٻيو سياستدان ئي ادا ڪري سگھي ٿو.

ن واري مسلم ليگ کان سواءِ تحريڪ انصاف مان به ڪو جتوئي. ظاهر ٿي سگھي ٿو. اي پي سي کي دونهيندار خطاب کانپوءِ نواز شريف صاحب صرف عمران حڪومت ئي نه پر اسان جي اشرافيا جي ڪجھه وڏن ۽ سرگرم گروپن ۽ ڌڙن کي به ڇرڪائي ڇڏيو آهي. 2014ع کان نواز شريف خلاف لڳايل گيم جا سمورا ڪردار هاڻي ان خلاف گڏجڻ تي مجبور آهن. نواز شريف خلاف جنهن زور سان ۽ لاڳيتو ”ڀارت نوازي“ جو ذڪر ورجايو پيو وڃي، ان جي فطري گهرج آهي ته رياستي وسيلن جي ڀرپور استعمال سان ان جي نالي سان منسوب ٿيل پارٽيءَ کي غير موثر بڻايو وڃي. شايد اڃا اهو طئي ناهي ٿيو ته تازو ئي قائم ٿيل پي ڊي ايم کي مجموعي حيثيت ۾ بي اثر ڪيو وڃي يا صرف نواز شريف تي مبينا طور ڀارت نوازي جو زور ڀريندي ان جي وفادارن کي پي ڊي ايم ۾ اڪيلو يا آئسوليٽ ڪيو وڃي.

ڪجھه سياسي مبصر زور ڀري رهيا آهن ته پنهنجي سمورين ”خامين ۽ خرابي“ باوجود پيپلزپارٽي ”غدار“ نه آهي. سنڌ ۾ ان کي پنهنجي صوبائي حڪومت برقرار رکڻي آهي. ان کان سواءِ ڄاڻايل پارٽي جي “نظرياتي سڃاڻپ” به آهي. ان ۾ ويٺل ”لبرلز“ کي مولانا فضل الرحمان جي سربراهي ۾ حڪومت مخالف تحريڪ هلائڻ جي ڪري طعنا ڏنا پيا وڃن. اهي طعنا ڏيندڙ جيتوڻيڪ اهو وساري ٿا ڇڏين ته پيپلزپارٽي 1981ع کان 1988ع تائين جنرل ضياءُ جي خلاف مولانا فضل الرحمان سان گڏجي ”جمهوريت جي بحالي جي تحريڪ“ کي برقرار رکيو هو. جنرل مشرف 2002ع ۾ جيڪي چونڊون ڪرايون هيون ان کانپوءِ جيل ۾ ويٺل آصف علي زرداري لاڳيتو ان ڪوشش ۾ رهيو ته سرڪاري سرپرستي ۾ ٺهيل ”قاف ليگ“ خلاف سموريون پارٽيون گڏجي مولانا فضل الرحمان کي وزيراعظم چونڊرائي وٺن. اتفاق اهو به آهي ته ان وقت قومي اسيمبليءَ ۾ وزيراعظم جي چونڊن دوران عمران خان صاحب پنهنجو ووٽ ظفر الله جماليءَ بدران مولانا فضل الرحمان جي حمايت ۾ وڌو هو،

پر مخدوم امين فهيم مرحوم جي چوڻ تي محترمه بينظير ڀٽو مولانا فضل الرحمان جي حمايت تي راضي نه ٿي هئي. ان تائين اهي خدشا پهچايا ويا ته آمريڪا نائن اليون کانپوءِ پاڪستان ۾ ڪنهن ”بنياد پرست مُلي“ کي وزيراعظم ڏسڻ پسند نه ڪندو. آصف علي زرداريءَ اڄ تائين محترمه کي اهي خدشا پهچائيندڙ پيغام ڏيندڙ کي معاف ناهي ڪيو. مون کي هرگز خبر ناهي ته اڄ ڪلهه آصف علي زرداري کي ڪهڙن ماڻهن ذريعي پيغام ڏياريا پيا وڃن، پر پي ڊي ايم کي هر صورت ۾ غير موثر بڻائڻ جي مشق جاري آهي. ايندڙ ڏينهن ۾ ان ۾ وڌيڪ شدت اچڻ جا چٽا امڪان آهن.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.