سنڌ جا ٻيٽ ۽ معدني وسيلا وفاق جي نظرن ۾ ڇو آهن؟

گل مورو

سنڌ هميشه ڌارين جي نظرن ۾ رهي آهي. عربن کان وٺي تاتارين تائين مدد خان کان وٺي رنجيت سنگهه تائين سنڌ تي جيڪي به حملا ٿيندا رهيا آهن انهن جو بنيادي سبب اهو آهي ته سنڌ جا وسيلا جنهن ۾ سامونڊي بندر، تيل، گئس، معدني وسيلن سميت سنڌو دريا جي پاڻيءَ تي به سندن ئي قبضو هجي. برطانوي سامراج توڙي پورچيگيزن کان وٺي هر قبضاخور سنڌ تي تجارت جي بهاني قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سنڌ جو ممبئي سان زبردستي الحاق به ان سلسلي جي ڪڙي هئي هن وقت سنڌ جا ٻيٽ يعني سموري سامونڊي پٽي وفاق جي حوالي ڪرڻ وارو مامرو به ان سازش جو چٽو ثبوت آهي.

تاريخي طور تي ڏٺو وڃي ته 1936ع کان 1947ع تائين ممبئي سنڌ جي قبضي هيٺ رهي. 1935 واري ايڪٽ هيٺ سنڌ کي هڪ خودمختيار صوبي جي حيثيت وڏي جدوجهد کان پوءِ نصيب ٿي. 89 سالن تائين سنڌ کي ممبئي پريزيڊنسيءَ جي تسلط هيٺ رکيو ويو. سنڌ کي الڳ صوبي جي حيثيت حاصل ڪرڻ ۾ تمام گهڻيون رنڊڪون ۽ رڪاوٽون پيش آيون. انهيءَ دوران پنجاب جي سياستدانن توڙي اسٽيبلشمنٽ جون ڪوششون رهيون ته سنڌ کي ممبئي کان الڳ ڪري ان کي پنجاب جي ماتحت ڪيو وڃي پر ان ۾ هنن کي نمايان ڪاميابي حاصل ان ڪري نه ٿي سگهي جو سنڌ جا ماڻهو پنهنجي ڌرتي سان وچن ورجائيندي ميدان تي نڪري پيا، اهي رنجيت سنگهه جون سازشون ناڪام بڻايون ويون ڇو ته رنجيت سنگهه سنڌو دريا تي قبضي ڪرڻ لاءِ 17 کان وڌيڪ حملا به ڪيا پر هو ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي سگهيو انهن سازشن باوجود سنڌ هڪ خود مختيار صوبي جي حيثيت حاصل ڪري ورتي.

وڏي ڳالهه ته جڏهن پاڪستان جي ٺهڻ وقت ڪابينا جو اعلان ڪيو ويو ته ان ۾ سنڌ مان ڪنهن به سنڌي وزير يا مشير جو نالو شامل نه ڪيو ويو ان تي حيرانگي ڄاڻائي وئي ته وفاق اهو بيان ڏنو ته ٽائپ رائيٽر جي غلطيءَ سبب نالا رهجي ويا آهن اچي اچي ٽائيپ رائيٽر ۾ سنڌ جي ماڻهن جي نمائندگي ڪندڙن جا نالا رهجي ويا اهو وڏو سوال آهي.؟ اصل ۾ پهرين ڏينهن يعني پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اهڙو جارحاڻو رويو ۽ ٻٽو معيار سنڌ سان اختيار ڪيو ويو صوبن جو حڪومتون ۽ عوام هنن جي تشدد وارين پاليسين جو هدف ۽ نشانو بڻيو. خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان جي سنڌين ۽ بلوچن سان ڪالونين واري انداز ۾ ورتاءُ ڪرڻ شروع ڪيو ويو.

ان ساڳي نموني سان ايسٽ بنگال وانگر پختون خواهه جي چونڊيل حڪومت جي سربراهه ڊاڪٽر خان صاحب کي ملڪ ٺهڻ جي اٺن ڏينهن اندر وڏ وزارت تان هٽايو ويو ۽ جنوري 49ع ۾ لياقت علي جي مشوري سان پنجاب صوبي جي حڪومت کي 1935ع ايڪٽ جي سيڪشن 92 اي هيٺ ڊاهي ٻن سالن تائين گورنر راڄ ذريعي هلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ جڏهن چونڊون 1951 ۾ منعقد ڪيون ويون ته هن کان 3 سال اڳ يعني 1948ع ۾ سنڌ ۾ ايوب کهڙي جي حڪومت کي ڊاهي مرڪزيت، وفاقيت ۽ آمريت واري منصوبي جو آغاز ڪيو ويو ته ڪهڙِي به طريقي سان ملڪ اندر فطري قومن کي نه حقوق ڏيڻا آهن، نه وري عوام کي ان جي راءِ مطابق ووٽ جو حق حاصل هوندو، هر فيصلو آمراڻي سوچ مطابق ملڪي اسٽيبلشمنٽ ڪرڻ لڳي.

ڪراچيءَ کي وفاق حوالي ڪرڻ واري سازش پهرين ڏينهن کان شروع ٿي چڪي هئي ڪراچيءَ کي سنڌ کان جدا ڪرڻ واري پاليسي لياقت علي خان ۽ ان جي اسٽيبلشمنٽ جي ڳٺ جوڙ سان سڄي سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري کي آندو ويو ته جيئن سندن هر شيءِ هٿ ۾ رهي ۽ ڪراچي سندن ئي هٿن ۾ هجي. انهيءَ منصوبي کي عملي جامو پارائڻ لاءِ ڪراچي کي سنڌ جي احتجاج باوجود وفاق جي حوالي ڪيو ويو ته جيئن سنڌ جا معدني وسيلا سامونڊي بندرن جي ڪمائي سندن ئي حوالي هجي ۽ انهن تي قبضو به سندن ئي هجي. ون يونٽ وارو فارمولو به ان سلسلي جي ڪڙي هئي جڏهن سيپٽمبر 1955ع ۾ ون يونٽ کي لاڳو ڪرڻ لاءِ ڳٺ جوڙ ٿيندي رهي ته پختون خواهه جي وزيراعليٰ سردار عبدالرشيد اهو فارمولو وفاق آڏو رکيو جيڪو اکيون ٻوٽي ڪري قبوليو ويو.

ون يونٽ وارو دور ڏٺو وڃي ته سنڌ لاءِ هڪ بدترين دور هو ان ساڳي ئي سنڌ 89 سالن تائين ممبئي هوندي گهڻو ڪجهه ڀوڳي چڪي هئي ملڪ ٺهڻ سان ئي وفاق جي واهرن جي نيت ۾ اهو فطور هو ته سنڌ جي وسيلن تي هر صورت ۾ مختلف بهانن سان قبضو ڪري استحصال ڪندو رهجي. ون يونٽ جي اسڪيم به ان منصوبي جي ڪڙي هئي ته سنڌ جي قدرتي وسيلن، زمينن، تعليمي ادارن، روزگار سميت هر شيءِ سندن ئي گوڏي هيٺان هجي. انهيءَ منفي سوچ جي مخالفت ڪندڙ سياستدانن، اديبن، دانشورن، شاعرن توڙي سياسي سماجي ڪارڪنن عام ۽ ڌرتي ڌڻين مٿان غداريءَ جا ڪيس داخل ڪري غيرن حوالي ڪيو ويو.سنڌي ٻولي“ کي تعليمي ادارن مان نيڪالي ڏئي بندش لڳائي وئي، گڊو بئراج جون زرعي زمينون، توڙي سامونڊي پٽيءَ جون زمينون لکين ايڪڙ ڀڳڙن مٺ تي ڌاري آبادڪاريءَ کي الاٽ ڪيون ويون. ايتري قدر جو بيورو ڪريسي پنجاب مان آڻي مقرر ڪرڻ سان گڏ سنڌو دريا تي ڊيمن مٿان ڊيم اڏيا ويا جنهن جي ڪري هن وقت سامونڊي پٽيءَ تي موجود زمينن جو ڏيک ئي ڪافي آهي. تمر جا ٻيلا، مڇي، پلي کان وٺي سمنڊ توڙي سنڌو ۾ رهندڙ هر جيوت ختم ٿيندي رهي ۽ هاڻ وري سنڌي سمنڊ جا ٻيٽ سندن نظرن ۾ آهن جيڪي هن وقت ماضيءَ جي ڏاڍن جيان وفاق ڏنڊي جي زور تي پنهنجي حوالي ڪري ڇڏيا آهن پر ان سازش ۾ پنهنجا به شامل آهن جن ٿوري گهڻي قيمت تي اهو نائون مل وارو ڪردار ادا ڪيو آهي.

ڏٺو وڃي ته تيل، گئس جا ذخيرا به سنڌ مان ملن ٿا پر سنڌين لاءِ ماني پچائڻ لاءِ به ناهن، ڪوئلي مان ٺهندڙ بجلي ٿر ۽ سنڌ جي ٻين علائقن مان ٺهي ٿي پر سنڌ جي غريبن جي جهوپڙيءَ ۾ اڄ به چمني ٻري رهي آهي سنڌ تيل ۽ گئس جي پيداوار ۾ سڀني صوبن کان اڳتي آهي سنڌ پاڪستان کي تاتي ٿي پر پوءِ به ان سان ناروا سلوڪ اڃا به جاري آهي. جيتري قدر تيل جي ذخيرن جو تعلق آهي ته جون 2006 تائين جي انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ خام تيل جا ڪل 139 ذخيرا آهن جن مان 112 سنڌ ۾ موجود آهن، پاڪستان ۾ گئس جا ذخيرا 140 سنڌ ۾ 104 آهن. ڪوئلي جي پيداوار 187 ٽن آهي سنڌ جي هڪڙي ٿر جي علائقي جي پيداوار 175 ٽن آهي. سو ڏٺو وڃي ته سنڌ جي ڪمائي تي هن وقت به وفاق جون نظرون آهن.

سڄي سنڌ ٻيٽن واري مسئلي تي احتجاج ڪري رهي آهي ان جي باوجود سنڌ جي گورنر جو اهو بيان ته ٻيٽ اسلام آباد نه کڻي وينداسين. ان مان واضح ٿئي ٿو ته سنڌ جا معدني وسيلا ڪنهن به صورت ۾ وفاق پنهنجي هٿ هيٺ رکڻ چاهي ٿو. ڪيڏي نه حيرت انگيز ڳالهه آهي جو نئين پاڪستان جي نئين رانديگر عمران خان سنڌ جي احتجاج باوجود ڊينگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن لاءِ آئلينڊ اٿارٽي جو چيئرمين به مقرر ڪري ڇڏيو آهي، ان تي سنڌ سرڪار کي به پنهنجي وضاحت ڪرڻ گهرجي ته خط خفيا نموني سان ڪيئن لکيو ويو ۽ جيڪڏهن لکيو ويو ته ان مامري تي وفاق واري صدارتي آرڊيننس کي سنڌ اسيمبليءَ مان رد ڇو نه ٿو ڪيو وڃي؟ جيڪڏهن ائين نه ٿو ڪيو وڃي ته پوءِ ان مان اهو سمجهي سگهجي ٿو ته جهڙيءَ ريت انگريز سرڪار سنڌ جي ڪيترن ئي ڌن ڌڻي، وڏيرن، پيرن، ميرن کي ساٿ ڏيڻ تي آماده ڪرڻ لاءِ (ڌن ڌڻين جو ڌڙو) ٺاهيو هو ۽ انهن کان اهو وچن ورتو ويو هو ته برطانيا جي تاج ۽ تخت سان نسل در نسل وفادار رهندا. سو هن وقت به وفاداري وارو مامرو آهي ۽ سنڌ سان سودي ڪرڻ وارو تاريخ ۾ ڏوهي ليکيو ويندو سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جي سامونڊي پٽي آخرڪار ڏنڊي جي زور تي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش اهو سنڌ سان ڏاڍ ناهي ته ٻيو ڇاهي ان تي سنڌ جي قومي توڙي علمي ادبي ڌرين کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.