مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون

اشرف لاريب

اسان جو صوبو سنڌ قدرتي طرح سان دنيا جي هر نعمت مثال طور سمنڊ، جبل، ريگستان، دريائن ، ڍنڍن، گئس، تيل ۽ ٻين انيڪ معدنيات سان مالا مال آهي، اهو ئي سبب آهي جو اسان جو صوبو ٻين صوبن کان وڌيڪ روينيو ڪمائي ڏيندڙ ڪندڙ صوبو آهي، جنهن ڪري ٻين ٽن صوبن جو بار به اسان جي صوبي سنڌ تي آهي. ڪراچي سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ آهي ۽ ڪراچي سنڌ جو واحد شهر آهي جيڪو اسانکي سمنڊ ۽ هوائي ر ستن ّذريعي  دنيا سان ملائيندو آهي ، هن شهر جي خاصيت اها آهي ته هن شهر ۾ سمنڊ ۽ جبل آهن هي پاڪستان جو سڀ کان وڏو شهر آهي جنهن جي آبادي پڻ پاڪستان جي ٻين وڏن شهرن کان وڌيڪ آهي. ائين کڻي چئجي ته ڪراچي  ِمني  پاڪستان  آهي ۽ پاڪستان جي ڪرنگهي جي حيثيت رکي ٿو ، جنهن ۾ هر ٻولي، هر طبقي، هر نسل جا ماڻهو رهن ٿا. ان ڪري سمنڊ وانگر هي شهر به سڀني کي پاڻ ڏانهن مائل ڪري ٿو ، قومن جي روزگار مهيا ڪرڻ جو شهر به ڪراچي بڻيل آهي.

ڪراچي مختلف وقتن ۾ سماجي توڙي انتظامي لحاظ کان مسئلن جو شڪار شهر رهيو آهي، ملڪي توڙي بين الاقومي طور تي جيڪي به مسئلا ٿين ٿا انهن مسئلن جي حوالي سان ڪراچي ۾ احتجاج ٿين ٿا. سياسي توڙي مذهبي وڏا وڏا جلسا پڻ ڪراچيءَ ۾ ڪرايا وڃن ٿا. ان ڪري ڪراچي واحد شهر آهي جيڪو مختلف دورن ۾ ڌماڪن جو مرڪز بڻيل رهيو، ڇاڪاڻ ته آبادي جي لحاظ کان وڏو شهر آهي سنڌ جو سڀ کان وڏو واپاري مرڪز ڪراچي آهي. ان ڪري گند ڪچري جو آزار پڻ وڏي پئماني تي رهيو آهي، انيڪ مسئلن جي باوجود به دنيا جي نظرن ۾ ڪراچي شهر آهي. ان ڪري ڪيترائي ڀيرا ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جا چوٻول ٿيا، هينئر هڪ ڀيرو وري ڪراچيءَ ۾ زمينن جا قبضا ۽ سامونڊي ٻيٽن تي وفاق جون نظرون آهن ان سلسلي ۾ تازوئي وفاق طرفان ٻيٽن بابت آرڊيننس جيڪو جاري ڪيو ويو، اهو  1972ع واري آئين سان ٽڪراءُ  ۽ ڀڃڪڙي آهي.

1972ع واري آئين موجب جيڪا به زمين يا ملڪيت جنهن جو ڪوبه مالڪ نه آهي ۽ اهو صوبي جي اندر آهي ان جي مالڪي صوبي وٽ اچي ٿي. انهيءَ آئين جي ڪلاز II ۾ جيڪي به شيون، زمينون ڪنهن سمنڊ اندر آهن ۽ اهو سمنڊ جي هيٺيان ان جي Triturate Judicial جي اندر آهن ته اهي ان صوبي جي ملڪيت آهن ان ڪري ڪراچي جا ٻيٽ خاص ڪري ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن.

اسان جي صوبي سنڌ ۾ جيڪي ڍنڍون، ڍورا، ٻيٽ، جبل ۽ سمنڊ آهن اهي سمورا اسان جي اصلوڪن سنڌين جي ملڪيت آهن، ان ڪري ڪراچيءَ جي ٻيٽن تي رهندڙ مهاڻن، مير بحرن جون آباديون رهن ٿيون، اهي سنڌ جا اصلوڪا رهواسي  ۽ وارث آهن انهن جي آبادين کي لڏپلاڻ ڪرائڻ سان تمام گهڻا نقصان ٿيندا. هڪ ته سنڌ جا، کائڻ پيئڻ جا ذخيرا گهٽجي ويندا، لکن جي تعداد ۾ ٻيٽن تي رهندڙ مهاڻا متاثر ٿيندا. بيروزگاري وڌندي، ان ڪري سماجي مسئلن ۾ اضافو ٿيندو. انهن ٻيٽن تي جيڪا ڊولپمينٽ ٿيندي ان جي برعڪس سنڌ جا قدرتي سامونڊي ٻيٽ شديد متاثر ٿيندا.

ان ڪري سنڌ جا ٻيٽ، سنڌ جون ڍنڍون، سنڌ جي زمين سنڌ صوبي جي ملڪيت آهي ان ڪري وفاق بنا ڪنهن اعتماد ۾ وٺڻ جي ڪوبه سخت فيصلو ڪيو يا اڻ سڌي طرح  سنڌ جي ٻيٽن تي ڌاڙو هنيو يا سنڌ جي ملڪيت تي ڪابه سودي بازي ڪئي وئي ته اها اسان جي صوبي ۾ رهندڙ اصلوڪن کان برداشت نه ٿيندي. هن وقت پوري سنڌ ٻيٽن تي وفاق جي قبضي ڪرڻ خلاف متحرڪ ٿي چڪي آهي ڪيتريون ئي ساڃاهه وند ڌريون سراپا احتجاج آهن ۽ قوم پرست اڳواڻ پڻ متحد ٿي ويا آهن ان ڪري حڪومت سنڌ پڻ اهڙو بيان جاري ڪيو آهي ته سنڌ جي ٻيٽن تي قبضا آئين خلاف آهي. ان ڪري قوم پرست سياست ۾ هلچل پيدا ڪري ڇڏي آهي. ان ڪري سنڌ جي وحدت جي معاملي تي مارچ ۽ احتجاج ڪرڻ وارو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي. ان ڪري هڪ ڀيرو ٻيهر سڀئي سنڌ ۾ رهندڙ قوم پرست هڪ ئي پيج تي آهن.

سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي  جيڪڏهن گڏ ٿي ويا ۽ گڏيل احتجاج ڪيو ته حالتون ڪنٽرول کان ٻاهر به ٿي سگهن ٿيون ،اسان جي جدو جهد سنڌ لاءِ  ۽ پاڪستان جي سالميت لاءِ آهي ،سنڌ جي بقا پاڪستان جي بقا آهي ڇاڪاڻ ته پاڪستان جا چارئي صوبا سنڌ صوبي سان جڙيل آهن ان ڪري سنڌ جي عوام سنڌ جي چپي چپي جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻي ٿي  ان لاءِ هي نعرو سنڌ جي سالميت لاءِ سنڌين جي زبان تي آهي ”مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون“ سنڌ صوبو ڪشمير وانگر پاڪستان جي شهه رڳ آهي  اچو ته پاڻ سڀئي گڏجي پاڪستان جي سالميت لاءِ سنڌ جي ٻيٽن جي حفاظت ڪري بي چيني کي ختم ڪيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.