ڪراچي ۾ ڊينگي ڪر کڻڻ لڳو، وڌيڪ 480 ماڻهو وائرس جو شڪار

ڪراچي (رپورٽر) گذريل هڪ مهيني دوران ڪراچي جا 480 ماڻهن ۾ ڊينگي وائرس  جو شڪار ٿيا آهن.صحت کاتي جي رپورٽ  موجب گذريل مهيني ڪراچي ۾ سڀني کان وڌيڪ ڊينگي ڪيس ضلعي شرقي مان رپورٽ ٿيا . جنهن جو انگ 222 آهي جڏهن ته ضلعي شرقي ۾ گلشن اقبال ۽ جمشيد ٽائون سڀني کان وڌيڪ متاثر علائقو آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ضلعي وسطي ۾ 112 ماڻهو ڊينگي جو شڪار ٿيا جتي نارٿ ناظم آباد ۽ گلبرگ مان سڀني کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا.ان کان علاوه ضلعي جنوبي ۾  66 ماڻهو،  ڪورنگي 36، ملير 25 ۽ ضلعي غربي ۾19 ماڻهو ڊينگي جو شڪار جڏهن ته متاثر ٿيندڙن ۾ عورتون ٻار ۽ بزرگ شامل آهن. صحت کاتي جي رپورٽ موجب ڪراچي ۾ هلندڙ سال ڊينگي سبب متاثر ماڻهن جو انگ 1149 تائين پهچي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.