ادبي سنگت جي ٻئي ٺهندڙ گروپ سان تعلق ناهي: پريل دايو

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌي ادبي سنگت جي وحدت سنڌ جي وحدت جيان عزيز آهي، جيڪي دوست آچر(اڄ) تي سنگت ۾ گروپ ٺاھڻ جي  عمل طرف وڃي رهيا آهن، انهن سان اسان جو ڪو تعلق نه آهي، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل پريل دايي، جوائنٽ سيڪريٽري خاڪي جاني، عورت جوائنٽ سيڪريٽري آپا نذير ناز، خزانچي نعيم ملڪ ۽ آڊيٽر قادر جاگيراڻي پنهنجي پاران جاري ڪيل بيان ۾ چٽيءَ ريت چيو آهي ته ادبي سنگت ترقي پسند سوچ رکندڙ اديبن، شاعرن ۽ قلمڪارن جي ماءُ آهي ۽ ڪو به باشعور ماءُ جي ورهاڱي واري سازش جو حصو نه ٿو ٿي سگهي ۽ اهڙي عمل کي  پنهنجي ماء سان غداري جي برابر سمجهي ٿو. هنن وڌيڪ چيو آهي ته اڄ جڏهن ادبي سنگت سنڌ جا ٻيٽ وفاق حوالي ڪرڻ واري صدارتي آرڊيننس خلاف ميدان عمل ۾ آهي، اڄ کان هلچل هلائڻ جو باضابطا طور آغاز ڪيو ويو آهي، سنڌ جي ساڃاھه سان وابستا ڌريون پڻ پنهنجي ڌرتي جي مالڪي ۽ وارثي لاءِ عملي طور جاکوڙ ۾ لٿيون آهن، تڏهن ساڳئي ڏينهن حيدرآباد ۾ هٿراڌو چونڊ جي نالي تي ادبي سنگت ۾ گروپ ٺاهڻ جي سازش ٿي رهي آهي، جنهن کي اسين غيرآئيني ۽ غير اخلاقي عمل سڏيندي ادبي سنگت جي وحدت تي وار سمجهون ٿا. هنن چيو ته  ادبي سنگت جو معاملو عدالت ۾ کڻي وڃڻ بعد سنگت جون سرگرميون متاثر ٿيڻ ڪري ان جون سرگرميون بحال ڪرڻ واسطي سنڌ سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سان لکت ۽ صحيحن سان ڪيل ٺاھه تان ڪير ڦريو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.