روشن ڪناسرو خلاف ريفرنس جي ٻڌڻي، جوابدار غير حاضر

ڪراچي ( رپورٽر) احتساب عدالت ۾ اڳوڻي ايم ڊي ٽورازم ڊولپمينٽ روشن علي ڪناسرو ۽ ٻين 8 جوابدارن خلاف ريفرنس جي ٻڌڻي  ٿي ، جيل پوليس ريفرنس ۾ شريڪ جوابدار شهنشاهه حسين کي پيش ڪيو، روشن علي ڪناسرو ۽ ٻيا جوابدار پيش نه ٿيا، عدالت پاران جوابدارن جي غيرحاضري تي نوٽيس ورتو ، نيب طرفان فوتي جوابدار نذير سومرو بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي سمورن جوابدارن جي حاضري يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي24آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي، گذريل ڏينهن سنڌهاءِ ڪورٽ روشن ڪناسرو ۽ ٻين جوابدارن جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.