ٽڪ ٽاڪ تي پابندي غير ضروري آهي: حريم شاهه

ڪراچي (رپوٽر) ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه چيو آهي ته اسلامي قانون لاڳو ڪري بي حيائي جو خاتمو آڻي سگهجي ٿو. ڪراچي پريس  ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حريم شاهه چيو ته پاڪستاني ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي طرفان ملڪ ۾ ٽڪ ٽاڪ ايپ تي پابندي لڳائي وئي آهي ۽ ان جو سبب بي حيائي ٻڌايو ويو آهي،  پر اها بي بنياد ڳالهه آهي، اهو ڪو پختو سبب ناهي، جنهن جي بنياد تي پابندي لڳائي وئي آهي، ايپ تي پابندي لڳائڻ جي ضرورت نه هئي، ٽڪ ٽاڪ انتظاميا پاڻ ئي اهڙن ماڻهن تي پابندي لڳائي ڇڏيندي آهي. هن چيو ته اهڙا ڪيترائي سينسر بورڊ جهڙا ادارا موجود آهن، جيڪي بي حيائي پکيڙيندڙن خلاف ڪارروائي ڪري سگهن ٿا، اڳ ۾ اسلامي قانون لاڳو ڪيو، جنهن کانپوءِ بي حيائيءَ جو خاتمو ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته ٽڪ ٽاڪ سان  نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين ٽئلينٽ ڏيکارڻ جو موقعو ۽ روزگار مليو، پابندي سان بيروزگار ٿي ويا آهن، ملڪ ۾ اڳ بيروزگاري گهڻي آهي، اُڀري سامهون ايندو آهي، تنهن ڪري وزيراعظم صاحب کي اپيل آهي ته ان تان پابندي هٽائي وڃي . هن چيو ته پابندي غير ضروري آهي، جيڪو غلط مواد لوڊ ڪري ٿو ان خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي،

ٽڪ ٽاڪ تي پابندي سان لکين فالوورز وارا اسٽار پريشان

اسلام آباد ( م ڊ  ) پي ٽي اي پاران ٽڪ ٽاڪ تي پابندي لڳائڻ واري عمل خلاف ٽڪ ٽاڪ اسٽارن سخت رد عمل ڏيکاريندي چيو آهي ته  پابندي غير ضروري آهي، ان حوالي سان ڪبير آفريدي چيو ته پابندي ڪو حل ناهي، اسان جي معاشري جي حوالي سان ڪو نامناسب مواد ڏيکاريو پئي ويو ته ان کي بلاڪ ڪيو وڃي ها يا هٽايو وڃي ها، ائين ته سڀاڻي سمورو انٽرنيٽ ئي بند ڪرڻو پوندو. سيالڪوٽ جي هڪ پٺتي پيل گهراڻي سان تعلق رکندڙ نائلا جٽ چيو ته پابندي جو ٻڌي وڏوڌڪ لڳو آهي، حڪومت غلط ڪيو آهي، هو پريشان نظر آهي، هن مڃيو ته ٽڪ ٽاڪ تي ڪجهه عرصي کان بيحيائي زياده پکڙجي رهي هئي، جڏهن به پابندي هٽي ته بي حيائي بابت ڪجهه ضابطا جوڙيا وڃن، سوشل ميڊيا تي به  ان حوالي سان بحث جاري آهي، ڊاڪٽر نالي هڪ صارف جو چوڻ هو ته ڪورونا  بابت آگاهي لاءِ حڪومت ٽڪ ٽاڪرز کي گهرايو ۽ پوءِ ان تي پابندي لڳائي ڇڏي. رضا چيو ته اها ڊڪٽيٽر شپ آهي، عمران شفقت نالي هڪ صارف چيو ته ٽڪ ٽاڪ چيني آهي، آمريڪا ۽ ڀارت جاسوسي جو الزام هڻي ٽڪ ٽاڪ تي پابندي لڳائي ڇا اسان ڀارت ۽ آمريڪا جا هم خيال آهيون پشتون تحفظ موومنٽ جي اڳواڻ علي وزير چيو ته جون ۾ ڀارت ۽ آگسٽ ۾ آمريڪا چائنيز ايپ تي پابندي لڳائي جنهن جو سبب سياسي ۽ سفارتي لاڳاپا هو، پر پاڪستان فحاشي جو الزام هڻي پابندي هنئي آهي، جيڪڏهن ان سان ريپ جا ڪيس ختم  ٿين ٿا ته سٺي ڳالهه آهي، نه هي سياسي ۽ سفارتي ترجيحن طرف اشارو آهي.

ٽڪ ٽاڪ ڪجهه شيون هٽائي ته بحال ڪنداسين: امين الحق

اسلام آباد ( م ڊ ) آءِ ٽي ۽ ٽيلي  ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير امين الحق چيو آهي ته آءِ ٽي جي وزارت اهڙي هر پابندي جي خلاف آهي جيڪا ترقي جي عمل ۾ رڪاوٽ هجي، هن ٽڪ ٽاڪ جي حوالي سان چيو ته ٽڪ ٽاڪ کي گذريل ٽن مهينن ۾ 2 ڀيرا وارننگ ليٽر جاري ڪيو ويو هو،  هن چيو ته حڪومت ٽي چيزون برداشت نه ڪندي، غير اخلاقي، نفرت جوڳو ۽ رياست خلاف ڪجهه به، هن چيو ته اهي شيون هٽايون وڃن ته ٽڪ ٽاڪ کي بحال ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.