مريد عباس قتل ڪيس: روپوش جوابدارکي 7 نومبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر)ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ خانگي چينل جي اينڪر مريد عباس قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي  پوليس روپوش جوابدار عادل زمان کي گرفتار ڪرڻ ناڪام ٿي وئي .پوليس جوابدار جي حوالي سان رپورٽ پيش ڪري ڇڏي آهي .رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جوابدار عادل زمان غير علائقي ۾ روپوش ٿي ويو آهي .عدالت روپوش جوابدار عادل زمان جي گرفتاري جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪيا آهن 7نومبر تي گرفتار ڪري پيش ٿيا جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي .عدالت عادل جي ضمانتي محمد نذير جي به طلبي جا نوٽيس جاري ڪيا آهن جڏهن ته زاراعباس پنهنجي وڪيل سان گڏ پيش ٿي مرڪزي جوابدار عاطف زمان پيش پر وڪيل غير حاضرهو .

ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ کانپوءِ اسلام آباد جي مختلف علائقن ۾ لاڪ ڊائون جو فيصلو

اسلام آباد ( م ڊ ) ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ کانپوءِ اسلام آباد جي مختلف علائقن ۾ وري لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ڊي ايڇ  او اسلام آباد مختلف هنڌ سيل ڪرڻ جو خط جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب سيڪٽر جي ٽين فور جون 38، 44، 45، 46، 47 ۽ 48 نمبر گهٽيون سيل ڪيون وينديون.خط ۾ چيو ويو آهي ته سيڪٽر آءِ 8 ٽو ڪي جون گهٽيون 25 ۽ 29، جڏهن ته سيڪٽر جي نائن فور جي 85 ۽ 89 نمبر گهٽي کي به سيل ڪيو ويندو.ڊي ايڇ او موجب وقت سر سمارٽ لاڪ ڊائون سان ڪورونا ڪيسن جي پکيڙ ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي، اڄ شهر ۾ 88 ڪورونا ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جنهن کانپوءِ اسلام آباد ۾ ڪيسن جو مجموعي انگ 17 هزار 210 ٿي ويو آهي.

عوام ” الوداع عمران الوداع“ پيو چئي: پرويز رشيد

لاهور(م ڊ)  ن ليگ اڳواڻ پرويز رشيد چيوآهي  ته اهي جيل ۾ وجهڻ جون ڌمڪيون ڪنهن کي ڏئي رهيا آهن، هڪ بيماري عمران خان جي حڪومت آهي جيڪا ماسڪ  پائي به ختم نه ٿيندي، 16 آڪٽوبر تي جلسو انهيءَ جاءِ تي ٿيندو جتي ليگي ڪارڪن چاهيندا، ڪورونا جي پٺيان لڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته پوري پاڪستان جا ماڻهو چاهين ٿا ” الوداع الوداع عمران خان الوداع“ ، مريم اورنگزيب چيو ته 16 آڪٽوبر تي گوجرانوالا اٽي کنڊ چورن خلاف فيصلو ٻڌائيندو، هاڻي پاڪستان جو هر شخص ووٽ کي عزت ڏيو جي بيانئي سان گڏ بيٺو آهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.