مارشلا کان به حالتون خراب آهن، عوام نڪتو ته زلزلو اچي ويندو: پي ڊي ايم اڳواڻ

ڪراچي(رپورٽر) پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ اڳواڻن وزيراعظم کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت هر محاذ  تي ناڪام ٿي وئي آهي، حالتون مارشل لا کان به خراب آهن، عوام نڪرندو ته ايوانن ۾ زلزلو اچي ويندو،   سليڪٽڊ حڪومت جلسا روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، هاڻي تحريڪ شروع ٿي چڪي آهي، وزيراعظم کي استعيفيٰ ڏيڻي پوندي، ڪالهه ڪراچي ۾ پي ڊي ايم جي ڪراچي ۾ 18 آڪٽوبر سانحي جي شهيدن جي ياد ۾ جلسي جي انتظامن جي حوالي سان گڏجاڻي کانپوءِ پ پ اڳواڻ صوبائي وزير سعيد غني، نواز ليگ سنڌ جي صدر شاهه محمد شاهه ۽ پي ڊي ايم ۾ شامل ٻين پارٽين جي اڳواڻن گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي، سعيد غني چيو ته پي ڊي ايم جو پهريون جلسو 16 آڪٽوبر تي گجرانوالا ۾ ن ليگ جي ميزباني ۾ ٿيندو، ان کانپوءِ  18 آڪٽوبر جي شهيدن جي هر سال جيان ورسي مهائي ويندي آهي،  پي ڊي ايم جو ٻيو جلسو 18 آڪٽوبر تي پ پ جي ميزباني هيٺ ڪراچي ۾ ٿيندو، جنهن ۾ ن ليگ، اي اين پي، جي يو پي، جي يو آئي ۽ ٻيون پارٽيون شريڪ ٿينديون،هن چيو ته  عمران نيازي جي حڪومت ملڪ جي عوام کي مهانگائي ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي ،ٽڪ ٽاڪ جي پيداوار حڪومت پاڻ ٽڪ ٽاڪ تي پابندي هنئي آهي، نواز ليگ سنڌ جي صدر شاهه محمد شاهه چيو ته مرڪزي حڪومت چوي ٿي ڪورونا وائرس سبب پي ڊي ايم جي جماعتن کي جلسا ملتوي ڪرڻ گهرجن،  واضع ڪيان ٿو ته جلسا تڏهن ملتوي ڪنداسين جڏهن عمران خان استعيفا ڏئي،هن چيو ته عمران خان گورباچوف آهي، مريم نواز شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ ڪراچي ايندي. جي يو آئي ف اڳواڻ اسلم غوري چيو ته 18 آڪٽوبر تي ڪراچي جي تاريخ جو سڀ کان وڏو جلسو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.