ٿر جي فطري سونهن کي ترقي نالي تي تباهه ڪيو پيو وڃي: محمد علي شاهه

حيدرآباد(رپورٽر) پاڪستان فشر فوڪ فورم پاران ٿر جي ڪوئلي تي ٺهندڙ بجلي جي  حوالي سان سنڌ ۽ ٿر جي ماڻهن تي پوندڙ ماحولياتي  اثرن ۽ اتان ٿيندڙ مقامي ماڻهن جي لڏ پلاڻ کانپوءِ جي صورتحال جي حوالي سان“پيپلز ٽربيونل آن ٿر ڪول” جي نالي سان هڪ ورڪشاپ حيدرآباد جي مقامي هوٽل ۾ ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ حيدرآباد جي سول سوسائٽي جي اڳواڻن سان گڏ ٿر جي متاثر ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان فشر فوڪ فورم جي چيئرمين محمد علي شاهه ڳالهائيندي چيو ته ٿر جي فطري سونهن کي ٿر ڪول جي ترقيءَ جي نالي ۾ تباهه ڪرڻ جي هڪ وڏي سازش آهي، جنهن جو مثال اتان جي مقامي ماڻهن کي لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي ۽ انهن جي فطري روزگار مال پالڻ کان ويندي زرعي زمينن کي بنجر بنائڻ جي شروعات ٿي چڪي آهي، جنهن جو اظهار هن وقت ٿري ماڻهو هر جاءِ تي ڪري رهيا آهن، ان کان علاوه ٿر جي ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ سان ماحولياتي تبديلي ايندي جنهن جا ناڪاري اثر پوري ٿر تي پوندا، قائداعظم يونيورسٽي جي استاد احسن ڪمال ورڪشاپ ۾ ڳالهائيندي چيو ته عوامي عدالتون قائم ڪرڻ ڪو نئون تصور ڪونهي، بلڪه 1970ع کان هلندو پيو اچي، هن عمل سان عوام جون اصل حقيقتون سامهون اچن ٿيون، هونئن ته رياستي عدالتي سرشتو هڪ ڊگهو ۽ ٿڪائيندڙ ۽ انصاف کان عاري نظر اچي ٿو، ان ڪري هي عوامي عدالتون ٿر توڙي ٻين ضلعن جي اهم مسئلن تي هيٺين سطح تي منعقد ٿيڻ گهرجن. سينيئر صحافي مهيش ڪمار چيو ته اسين هن تصور سان مڪمل اتفاق ڪيون ٿا ته رياستي عدالتي سرشتي مان اسين مڪمل طرح مايوس آهيون ۽ جيڪڏهن اسان انصاف جي ڳالهه ڪريون ٿا ته مختلف ڪيسن ۾ توهين عدالت قرار ڏنو وڃي ٿو. ڀيم راج چيو ته ٿر جي ڪوئلي مان بجلي ٺاهڻ جو منصوبو اسان ٿرين جي تباهيءَ کانسواءِ ڪجهه به نه آهي، اسان کي ترقيءَ جا خواب ڏيکاري اسان جي پيرن هيٺان زمين کسڪائي رهيا آهن، هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جي حيدرآباد چيپٽر جي اڳواڻ پروفيسر امداد چانڊيو چيو ته ڪوئلي مان بجلي ٺاهڻ انتهائي خطرناڪ آهي، ٿر جي ماحولياتي ۽ سماجي تباهيءَ جي عيوض جيڪا ترقي ڏيکاري پئي وڃي اهو به ڌرتيءَ تي قبضي جو هڪڙو روپ آهي، ان ڪري ترقيءَ جي نالي تي ٿر جي وسيلن تي ڪنهن به ڪمپنيءَ جو قبضو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهي. پورهيت اڳواڻ پنهل ساريو چيو ته پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄ 70 سالن جي گذرڻ باوجود ٿر جي زمين جي سروي ئي نه ڪئي وئي آهي ڇو ته ٿر قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي ۽ رياست جو ٿر جي وسيلن تي قبضي وارو خواب تمام گهڻو پراڻو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.