افسوس ڳجها ادارا وزيراعظم جي جاسوسي پيا ڪن: احسن اقبال

اسلام آباد(م ڊ) ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيوآهي ته افسوس جي ڳالهه آهي ته آءِ ايس آءِ ۽ ٻيا ڳجها ادارا هن جي به جاسوسي ڪن ٿا، ادارن کي سيڪيورٽي تي ڪم ڪرڻ گهرجي،هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون  ڪندي هن چيو ته  وزيراعظم انهن ادارن کي ظهيرالاسلام وٽ وزيراعظم نوازشريف ويو، هن وٽ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ڏئي، وزيراعظم قومي ادارن کي تڪراري بڻائي رهيو آهي، هن چيو ته وزيراعظم ادارن جي پوزيشن ڪمزور ڪري رهيو آهي، هو قومي ادارن جي اوٽ ۾ لڪي پنهنجو مقصد حاصل پيو ڪري، هن چيو ته صنعتڪار ۽ واپاري مسئلا حل نه ٿيڻ تي آرمي چيف سان ملن ٿا، ڇا آرمي چيف جو وقت سيڪيورٽي تي استعمال ٿيڻ گهرجي يا واپارين جا مسئلا ٻڌڻ تي، اسان هر قومي مفاد ۾ حڪومت جو ساٿ ڏنو، هن چيو ته مهانگائي ڪٿي پهچي وئي آهي، ٻن سالن ۾ تاريخ جا سڀ کان وڌيڪ قرض کنيا ويا آهن،ڇا ان صورتحال تي اسان خاموش رهنداسين، هن چيو ته پاڪستان جي فوج سان ڪو به اختلاف ناهي، اسان جي حڪومت فوج کي مضبوط ڪيو، پاڪستان ۾ هڪ بلا آهي جنهن جو نالو اسٽيبلشمينٽ آهي ان ۾ جج، جنرل شامل هوندا آهن، هن چيو ته لياقت باغ ۾ پي ٽي آءِ جلسو ڪيو پر اتي ڪورونا نه آيو، اپوزيشن جي جلسن ۾ ڪورونا ڪٿان حملي آور ٿيندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.