مهانگائي شرح بلند ترين سطح تي، عوام سٽجي ويو

اسلام آباد(  م ڊ ) سڄي ملڪ ۾ هلندڙ مهيني آڪٽوبر جي پهرين هفتي ۾ مهانگائي جي شرح 1.24 سيڪڙو واڌ سان 11.28 سيڪڙو ٿي  وئي جيڪا گذريل ٽن مهينن جي بلند ترين سطح آهي.شماريات واري وفاقي اداري طرفان مهانگائي جي هفتيوار رپورٽ جي انگن اکرن موجب مهانگائي جي شرح ۾ گذريل هڪ هفتي ۾ ئي 1.24 سيڪڙو واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي جنهن سان ملڪ ۾ مهانگائي 3 مهينن جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي.انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گذريل هفتي  دوران ملڪ ۾ بصر وڌيڪ 8 رپيا مهانگا ٿي في ڪلو 75 رپين جا ٿي ويا آهن، ٽماٽا 128 رپيا في ڪلو جڏهن ته بيضا 160 رپيا في درزن ٿي ويا آهن.وفاقي اداري جي انگن اکرن موجب اسلام آباد ۾ کنڊ 110 رپيا في ڪلو ۾ وڪرو ڪئي پئي وڃي جڏهن ته ڪراچي ۾ 20 ڪلو اٽو 1380 کان 1500 رپين ۾ وڪرو پيو ٿئي.انگن انکرن ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته آڪٽوبر جي پهرين هفتي ۾ اگهه وڌڻ واري شرح 11.28 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، مهانگائي جي شرح هڪ هفتي ۾ ئي 1.24 سيڪڙو وڌي آهي، ڪڪڙ جي گوشت جي قيمت 10 رپين کان وڌي 172 رپيا في ڪلو ٿي وئي آهي جڏهن ته پٽاٽن ۽ مسور جي دال جا به اگهه وڌي ويا آهن.انگن اکرن موجب گذريل هفتي ڪيلي، مڱن جي دال، ماش، گڙ سميت 4 جنسن جي اگهن ۾ معمولي گهٽتائي آئي جڏهن ته گيهه، ڪوڪنگ آئل، مرچ، چانهه جي پتي سميت 23 شين جا اگهه مستحڪم رهيا آهن.

ڀاڄين جي اگهن   ۾ 200 سيڪڙو واڌ،  ٿر ۾ اٽو 75 رپيا وڪرو

ڪراچي ( نمائندن وٽان) سنڌ ۾ ڪڻڪ جي بحران سان اٽي جو اگهه آسمان تي پهچي ويو آهي، ٿر ۾ اٽو 70 کان 75 رپيا ڪلو ٿي ويو آهي،  ٿرپارڪر ضلعي جي سمورن شهرن جي گدامن ۾ هزارين مڻ ڪڻڪ موجود هجڻ باوجود چڪي مالڪن کي فراهم نه  پئي ڪئي وڃي، رپورٽ موجب ٿر جي گدامن ۾ 50ڪلو واريون  92 ھزار 694 ٻوريون موجود آھن، جنھن ۾ مٺي تعلقي ۾ 43 ھزار 127،اسلام ڪوٽ ۾ 26ھزار 34،ڏيپلو ۾ 1200،ڇاڇرو ۾ 15ھزار 713 ۽ ننگرپارڪر ۾ 6ھزار 620 ڪڻڪ  جو اسٽاڪ موجود آھي،اُنهي جي باوجود فلورز ملن کي ڪڻڪ نه ملڻ ڪري اٽي جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي ۽ اٽو 70 کان 75 رپين ڪلو بليڪ تي وڪرو ٿي رهيو آهي.جڏهن ته چيلهار ۾ اٽي سان گڏ هر شيءَ مهانگي ٿي وئي آهي ۽ مارو ماڻهن کي مٿي تي هٿ اچي ويا اهن،ٽنڊوآدم ۾  45 کان 55 رپن ڪلو وڪامندڙ اٽو هاڻي 70 رپيا ڪلو وڪامي رهيو آهي، کير ۽ ڀاڄين جي قيمتن ۾ 100 کان 200 سيڪرو واڌ ٿي وئي آهي، مٿان وري اٽي جي قيمتن ۾ واڌ ٿي رهي آهي،

وزيراعظم مهانگائي جو نوٽيس ورتو، ڪارروائي جي هدايت

اسلام آباد (  م ڊ ) رياست ايندڙ هفتي عام واهپي جون شيون سستيون ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا  ڪتب آڻيندي، وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو، وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ بيان ۾ چيو آهي ته حڪومت جائزو وٺي رهي آهي ته عام واهپي جون شيون مهانگيون ٿيڻ جو ڪارڻ سپلاءِ جي کوٽ آهي يا مافيا طرفان ذخيره اندوزي، مهانگائي گهٽائڻ لاءِ حڪومتي حڪمت عملي تي ايندڙ هفتي عملدرآمد ڪيو ويندو.

ملڪ ۾ ڪرنسي نوٽن ۾ بي پناهه واڌ

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان ۾ گردش هيٺ نوٽن جي انگ ۾ تازن سالن ۾ اضافي جو لاڙو  ڏسڻ ۾ آيو آهي، 30 جون 2020ع تي ختم ٿيندڙ مالي سال ۾ زيرگردش نوٽن ۾ گذريل 8 سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ اضافو ڏسڻ ۾ آيو، رڳو هڪ مالي سال ۾ گردشي نوٽن جي انگ ۾ 1.1 ٽريلين جي واڌ ٿي، پاڪستان ۾ معاشي حالتن تي نظر رکندڙن لاءِ اها واڌ غيرمعمولي آهي، ان جا معيشت تي به منفي اثر پون ٿا، انهن مطابق جيڪڏهن گردشي نوٽن جي انگ ۾ اضافو ٿيو آهي ته ان جو مطلب آهي ته حڪومت پراڻن نوٽن کي نون نوٽن سان بدلائڻ کان علاوه نوان نوٽ به وڏي انگ ۾ ڇاپيا آهن، بي بي سي موجب پاڪستان ۾ نوٽ ۽ پرائز بانڊ ڇاپڻ لاءِ ڪاغذ تيار ڪندڙ اداري سيڪيورٽي پيپرز لميٽڊ جا گذريل سال جي مالي نتيجن ۾ به اضافو ڏسڻ ۾ آيو، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي لسٽڊ ڪمپني جي مالي نتيجن مطابق ان جي نفعي ۾ گذريل مالي سال ۾ 60 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ڏسڻ ۾ آيو، 2012ع ۾ زيرگردش ڪرنسي جو انگ 1.73 ٽريلين هو ،2014ع ۾ 2.17، 2016 ۾ 33.3 ٽريلين، 2018ع ۾ 4.38 ٽريلين گذريل مالي ۾ اها 6.14 ٽريلين جي بلندترين سطح تي پهچي وئي، معاشي ماهر ڊاڪٽر قيصر بنگالي چيو ته گردش هيٺ ڪرنسي ۾ تمام گهڻي واڌ ان ڳالهه جي نشاندهي آهي ته نئين ڪرنسي وڏي انگ ۾ ڇاپي وئي آهي، ظاهري طور تي  اسٽيٽ بئنڪ کان پئسو نه پيو ورتو وڃي پر اسان وٽ هر شئي شفاف به ناهي هوندي، عارف حبيب سيڪيورٽيز ۾ معيشت جي تجزئي نگار ثنا توفيق چيو ته گذريل پنج،ڇهه سالن ۾ زيرگردش ڪرنسي ۾ اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي، آءِ ايم ايف سان معاهدي سبب ماڻهن بئنڪن ذريعي ٽرانزيڪشن بدران ڪيش جي ذخيره اندوزي ڪئي جنهن سبب نوٽن جي طلب وڌي، وڌيڪ انگ ۾ نوٽ ڇاپڻ سان ناڻي ڦهلاءُ يعني مهانگائي ۾ اضافو ٿيندو، ثنا توفيق چيو ته ڪرنسي نوٽن جو وڏي انگ ۾ ڇپجڻ اسمگلنگ ۽ مني لانڊرنگ کي به وڌائي ٿو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.