حڪومتي اتحادي بي اين پي (مينگل) اپوزيشن جي تحريڪ ۾ شامل

تربت ( م ڊ ) بلوچستان نيشنل پارٽي ( بي اين پي مينگل ) جي سينيٽر جهانزيب جمالديني چيو آهي ته بي اين پي مينگل به اپوزيشن اتحاد  پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي حڪومت مخالف تحريڪ ۾ شامل ٿيندي. تربت ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سينيٽر جهانزيب جمالديني چيو ته وفاقي حڪومت جي ٻٽي پاليسي سبب حڪومت پنهنجي راهون جدا ڪيون، حڪومت کي گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي سميت 6 نقطا پيش ڪيا هئا، پر افسوس جي ڳالهه آهي ته 2 سالن ۾ اسان جي 6 نقطن تي ڪا به اڳڀرائي سامهون ناهي اچي سگهي.بي اين پي اڳواڻ چيو ته صوبي جي مختلف ضلعن جي پٺتي پيل علائقن جا مسئلا ختم ڪرڻ لاءِ وفاق کان 200 ارب رپين جي پئڪيج جو مطالبو ڪيو هو پر بلوچستان بدران سنڌ ۽ پنجاب کي پئڪيج ڏنو ويو، ٻي صوبي کي رقم ملڻ جي خلاف ناهيون پر بلوچستان کي پنهنجو حق ملڻ گهرجي. هن چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻيٽن کي وفاق ۾ شامل ڪرڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، ان جي مذمت ڪيون ٿا ۽ عدالت ۾ چيلينج ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.