هائبرڊ جنگ شروع ٿي وئي، آئين موجب جونڊيل حڪومت جي مدد جاري رکنداسين: آرمي چيف

ڪاڪول(م ڊ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه جو چوڻ آهي ته آئين ۽ قانون جي اڳواڻي ۾ چونڊيل حڪومت جي مدد جاري رکنداسين.پاڪ ملٽري اڪيڊمي ۾ خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جو چوڻ هو ته پاس آئوٽ ٿيندڙ جوانن کي زندگي جي ان يادگار ڏينهن تي  واڌايون پيش ڪيان ٿو، دوست ملڪن جي ڪيڊٽس کي به واڌايون پيش ڪيان ٿو جن محنت سان پنهنجي ٽريننگ مڪمل ڪئي، اڄوڪي ڏينهن تي توهان هڪ اهڙي فوج جو حصو بڻجڻ پيا وڃو جيڪا سڄي دنيا ۾ پنهنجي پيشيوراڻي ۽ حربي صلاحيتن لاءِ ڄاتي ۽ سڃاتي ويندي آهي، توهان پاڻ کي هڪ عظيم، مقدس ۽ انتهائي چيلنجنگ پروفيشن جي اهل ثابت ڪيو آهي.آرمي چيف جو چوڻ هو ته پاڪستان آرمي نه رڳو دهشتگردي کي شڪست ڏني، پر فيبروري 2019ع ۾ پاڻ کان 5 سيڪڙو وڏي دشمن کي پوئتي ڌڪيو، پاڪستان آرمي اسان جي فخر جوڳي قوم جو خوبصورت ۽ حقيقيت عڪس آهي، توهان ڀلي آفيسر هجو يا جوان، والنٽير انڊڪشن تائين، توهان ۾ مدرسي جي شاگرد کان وٺي پبلڪ اسڪول تائين، هڪ عام ماڻهو کان وٺي وچولي ۽ امير جي پٽ تائين ۽ سڀ کان وڌيڪ شهيدن جا وارث اصل ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهيا آهن.جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته پاڪستان ۾ ڪو به ڪنهن ٻئي لاءِ جوابده ناهي، پر آئون ان کي اعزاز سمجهان ٿو ته اسان قوم جي آڏو قابل اعتماد ۽ جوابدار اداري طور حاضر رهون ٿا، ان ڪري سمورين ڪاميابين ۽ چيلنجن جي باوجود جڏهن به وطن ۽ قوم کي اسان جي ضرورت پئي، اسان بهترين نتيجن لاءِ پنهنجي پاڻ کي پيش ڪري ڇڏيو.آرمي چيف چيو ته پاڪستان هڪ ترقي پذير ملڪ آهي، پر پاڪستانين جو دل وڏو آهي، پاڪستاني قوم ۽ هر مشڪل ۽ هر چيلينج ۾ توهان کي پاڻ سان گڏ ملندي ۽ توهان تي فخر به ڪندي ۽ عزت به ڏيندي، توهان تي لازم آهي ته ان رشتي کي مضبوط کان مضبوط تر بڻايو، نظم و ضبط، فرض جي بجا آوري ۽ غير جانبداري توهان جو هدف هئڻ گهرجي، توهان کي پنهنجي جواني جو هڪ وڏو حصو سخت ڏکيائين ۽ بهتر ملڪي مستقبل جي آبيا ۾ مختص ڪرڻو پوندو، ان کي ڏکيائي بدران چيلينج طور قبول ڪيو، سپاه گري ڏکيو رستو آهي، جنهن تي هلڻ سولو ناهي، ان رستي ۾ توهان کي پاڻ کي وقف ڪرڻو پوندو آهي ۽ توهان کي ڊليور ڪرڻو پوندو آهي.پاڪ فوج جي سربراهه جو چوڻ هو ته اسان امن جي لاءِ ڳري قيمت ادا ڪئي آهي ۽ امن قائم رکڻ جي لاءِ رت سان ان جي حفاظت يقيني بڻائينداسين، امن سنگ ميل ته آهي منزل ناهي، معاشي طور تي خود مختيار ۽ نظرياتي مستحڪم پاڪستان جيڪو قائد جو ويزن آهي ان جي بنياد کي هميشه مضبوط ڪرڻو آهي.جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جيان پاڪستان کي جنگ، دهشتگردي ۽ معاشي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو پوي، پر ڪيترائي ملڪ ان ڏکيائين کي منهن  نه ڏئي سگهيا ۽ وکرجي ويا، پاڪستان انهن سمورين سازشن ۽ ڏکيائين جو ڄمي مقابلو ڪيو، هاڻ وقت آهي ته گڏ ٿي ۽ پنهنجي سمورين صلاحيتن کي ڪتب آڻيندي پاڪستان کي خوشحالي ۽ ترقي جي رستي گامزن ڪيو، انهيءَ هدف کي نظر ۾ رکندي قائد جي ويزن موجب پاڪستان علائقائي ۽ عالمي امن جي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون.آرمي چيف وڌيڪ چيو ته اِهو هڪ ڏکيو سفر هو پر اطمينان اِهو آهي ته اڄ اسان جا ادارا مضبوط ٿي رهيا آهن ۽ گڏجي پاڪستان جي خدمت انجام ڏئي رهيا آهن،  اُهي دشمن جيڪي اسان جي تباهي جو منصوبو جوڙيو ويٺا هئا، مايوسي سان اسان جي ڪاميابين کي ڏسي رهيا آهن. اسان جو دشمن پنهنجي عزمن ناڪام ٿيڻ کان پوءِ دل شڪسته آهي ۽ مايوسي ۾ پاڪستان کي 7/24 هائبرڊ وار کي منهن پيو ڏئي، ان هائبرڊ وار جو هدف عوام آهي ۽ ميدانِ جنگ انساني ذهن آهي، هر سطح تي قومي قيادت هائبرڊ وار جو هدف آهي، اصولن ۽ روايتن تي عمل پيرا ٿي ئي توهان اِن هائبرڊ وار جو مقابلو ڪري سگهو ٿا، ذات پات،  مذهب ۽ لسانيت سان برتر اسان سڀ پاڪستان جا سپاهي آهيون، اتحاد اسنا جي قوت ۽ انشاءَ الله اسان سڀ گڏ آهيون، هائبرڊ وار جو مقصد پاڪستان ۾ اِن اُميد جي هوا آڏو رنڊڪ بڻجڻ چاهن پيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.