قومي عوامي تحريڪ پاران ٻيٽن تي قبضي خلاف جدوجهد جو اعلان

حيدرآباد(رپورٽر)قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر اياز لطيف پليجو جي صدارت ۾ انڊس پھاڙي نظاماڻي ھائوس حيدرآباد تي  ٿيو اجلاس ۾ سنڌ ۽ ملڪ جي صورتحال تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو، سنڌ ٽوڙڻ جي سازشن، ٻيٽن تي وفاق جي قبضي، مھانگائي، پاڻي کوٽ، زرعي تباھي ۽ برسات متاثرن جي واھر نه ٿيڻ جدوجھد جو اعلان ڪيو ويو، ان ڏس ۾ 4 نومبر 2020ع کان 8 نومبر 2020ع ڪنڌڪوٽ کان ڪراچي تائين پنج ڏينھن اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ محبت سنڌ بيداري مارچ ڪيو ويندو، مارچ جي پھرئين ڏينھن تي ڪنڌڪوٽ، تنگواڻي، ٺل، جيڪب آباد، شڪارپور، ڳڙھي ياسين، لاڙڪاڻو، وڳڻ، وارھ، نصيرآباد، 5 نومبر تي ميھڙ، ڪي اين شاھ، دادو، مورو، شاھپورجھانيان، دولتپور، نواب ولي محمد، سڪرنڊ، نيو سعيد آباد، ھالا، ڀٽ شاھ، 6 نومبر تي خيبر، سيکاٽ، مٽياري،  حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان، ماتلي، ڪڙھيو گھنور، گولاڙچي، 7 نومبر تي سجاول، ٺٽو، مڪلي، جنگشاھي، گجو، گھارو، ڌاٻيجي، گھگھر ۽ گلشن حديد ۾ جلسا ڪيا ويندا، آخري ڏينھن تي گلشن حديد کان پريس ڪلب تائين مارچ ڪري جلسو ڪيو ويندو، اجلاس کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو ته ٻيٽن تي پ پ ۽ وفاقي حڪومت جي ڳٺ جوڙ قبول ناھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.