ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن، وقت کان اڳ چونڊون چاهيون ٿا: نثار کهڙو

حيدرآباد(رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو چيو آهي ته حقيقي جمهوريت لاءِ پ پ جي جدوجهد ڪا نئين ڳالهه  ناهي، 18 آڪٽوبر ڪراچي ڪار ساز سانحو ڪڏهن به وسري نٿو سگهي. 18 آڪٽوبر تي ڪراچي جناح باغ ۾ جلسو ٿيندو، جلسي ۾ ٻين جماعتن کي به دعوت ڏني وئي آهي. اهڙو اظهار هن ڪالهه قاسم آباد ۾ پ پ حيدرآباد ريجن جي صدر سيد علي نواز شاهه جي گلستان سجاد واري رهائشگاهه تي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته موجوده حڪمران هر معاملي کان بي خبر بڻيل آهن.،عمران خان پاڻ مهانگائي ڪري وري ان جو نوٽيس به وٺي ٿو. حڪومت عوام کي ڪوبه رليف ناهي ڏئي سگهي. هن چيو ته بشير ميمڻ سرعام انڪشاف ڪيا آهن، ثبوتن سان گڏ شاهد هجڻ باوجود ان کي ڪوڙو چيو پيو وڃي. هن چيو ته سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو دوکيبازي ۽ غير آئيني آهي. 18 هين ترميم تحت 12 ناٽيڪل ميل جي اندر ٻيٽ صوبن جي ملڪيت آهن، هي حڪومت 18 هين ترميم جي به مخالف آهي پر اسان 18 هين ترميم ختم ٿيڻ نه ڏينداسين. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته اسان وقت کان اڳ اليڪشن چاهيون ٿا. ان موقعي تي پ پ حيدرآباد ڊويزن جو صدر سيد علي نواز شاهه رضوي، آفتاب خانزاده ۽ ٻيا پ پ اڳواڻ ساڻس گڏ موجود هئا. ان کان اڳ نثار احمد کهڙي جي صدارت هيٺ پ پ حيدرآباد ڊويزن جو اجلاس ٿيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.