بلوچستان جي لوڪ فنڪار حنيف چمروڪ جا قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا

ڪوئٽا ( م ڊ ) بلوچستان جي علائقي ڪيچ سان تعلق رکندڙ لوڪ فنڪار حنيف چمروڪ جا قاتل 2 ڏينهن گذرڻ بعد به گرفتار نه ٿي سگهيا  آهن، ان حوالي سان پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته قت جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي، حنيف چمروڪ انساني حقن جي تنظيم بلوچ هيومن رائٽس آرگنائزيشن جي اڳوڻي وائس چيئر پرسن طيبه بلوچ جو والد هو،  بي ايڇ آر او جي چيئر پرسن بي بي گل بلوچ ٻڌايو ته هن کي ان وقت قتل ڪيو ويو جڏهن هو گهر ٻاهران ڇهه ست ماڻهن سان گڏ ويٺو هو، هو ضلعي ڪيچ جي هيڊ ڪوارٽر تتربت کان ڪجهه فاصلي تي سنگاني سر علائقي جو رهواسي هو. بي بي گل چيو ته حنيف چمروڪ غريب هو رڪشا هلائي پنهنجي ٻچن لاءِروزي جو بندوبست ڪندو هو، هن جي ڪنهن سان دشمني نه هئي، پر هن کي ان وقت پريشاني جو منهن ڏسڻو پيو ، جڏهن هن جي ڌي طيبه گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي  لاءِ اٿارڻ لڳي. ايس ايس پي موجب جاچ ڪئي پئي وڃي ته اها ٽارگيٽ ڪلنگ هئي يا ان جا ڪي ٻيا سبب آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.