ڇاڇرو جي راڻي جي لڄ لٽيندڙ ٽن جوابدارن خلاف ڪيس داخل

ڇاڇرو( ن ع آ) ڇاڇرو ويجهو ڳوٺ سارنگهيار ۾ ٽي ڏينهن اڳ غريب پورهيت ملوڪ ميگهواڙ جي گهر ۾ گھڙي سندس نياڻي کي لڄالٽ جو  نشانو بڻائڻ جو ڪيس ٽن جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي پر پوليس هڪ به جوابدار کي گرفتار ناهي ڪري سگهي.ٽي ڏينهن گذرڻ بعد  معاملو ميڊيا تي اچڻ کانپوءِ اقليتي اڳواڻ ڊاڪٽر کٽومل جيوڻ ۽  ايس ايس پي ٿرپاڪر حسن سردار نيازي جي نوٽيس ورتو. ناري جي والد ملوڪ ميگهواڙ جي فرياد تي ڇاڇرو ٿاڻي تي ٽن  جوابدارن رميش پٽ ڏوڏو ڳوٺ سارنگهيار ۽ امير حسن پٽ صوبدار سميجو ڳوٺ ارباب جي ڍاڻي ۽ رميش پٽ پونجو ميگهواڙ ڳوٺ ڦانگاريو خلاف ناري کي اغوا ڪري زبردستي زنا ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن  ته پوليس اڃا تائين ڪنهن به  جوابدارکي  گرفتار ڪرڻ کان قاصر آهي. جڏهن تي ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ ميڊيڪل رپورٽ لاءِ ناري کي مٺي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ناري جي والد ملوڪ ميگهواڙ صحافين اڳيان  روئيندي ٻڌايو ته بااثر جوابدارن نياڻي کي  اغوا بعد زبردستي زيادتي ڪري بيهوشي واري حالت  جهنگ ۾ ڇڏي ڦٽو ڪيو، اسان سان ظلم ڪيو  ٿيو آهي، اسين مسڪين  گذريل ٽن ڏينهن کان  دانهون ڪري  رهيا آهيون پر  پوليس ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيار نه هئي. پوليس ڳوٺ پهچي  جوابدار ڌر جون دعوتون کائيندي رهي ۽ ڳوٺ جا پٽيل منهنجي گهر کي گهيرو ڪري ويٺل هئا،  گهر ڀاتي گهر کان ٻاهر نه پئي نڪري سگهياسين  آئون وڏيرن وٽ يرغمال هئس. آئون ڇاڇرو ميڊيا جي ٽيم جو ٿورائتو آهيان جنهن جي ڳوٺ پهچڻ تي وڏيرن منهنجي گهر تان گهيرو ختم ڪيو ۽ مونکي آزاد ڪيو. هن چيو ته جوابدار بااثر هجڻ سبب پوليس جوابدارن کي گرفتار نٿي ڪري ۽ جوابدارن جي ڌر بڻيل پٽيل اسانکي ڌمڪائي معاملو لئي مٽي ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيا آهن. بااثر وحشي جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏيئي  اسان غريبن سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.