مخالف ڌر ڪورونا سبب تحريڪ ملتوي ڪري: فواد چوڌري

اسلام آباد (م ڊ ) سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته  ڪورونا وبا جي ٻي لهر کي نظر ۾ رکندي اپوزيشن پنهنجي تحريڪ ٻئي سال تائين ملتوي ڪري ڇڏي. سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي فواد چوڌري چيو آهي ته ڪورونا جي ٻئي لهر کي نظر ۾ رکندي اين سي او سي نئين ايس او پيز جاري ڪري ڇڏي آهي. شادين ۽ ٻين تقريبن کي محدود ڪرڻ جو چيو ويو آهي. فواد چوڌري چيو آهي ته مان سمجهان ٿو ته سياسي پارٽين کي سمجهداري جو ثبوت ڏيڻ گهرجي.  تن مهينن لاءِ جلسا، جلوس ملتوي ڪري ڇڏي

چارسده ۾اڍائي ورهين جي زينب کي ڏاڍائي بعد قتل جو اعتراف

چارسده  (م ڊ ) چارسده ۾ اڍائي ورهين جي ٻارڙي کي جنسي ڏاڍائي بعد قتل ڪرڻ واري  ڪيس ۾ هڪ جوابدار پنهنجو ڏوهه قبول ڪري ورتو آهي. پوليس موجب اڍائي ورهين جي ٻارڙي زينب سان  زيادتي ڪري کيس قتل ڪندڙ جوابدار پوليس  وٽ گرفتار آهي. جنهن جاچ دوران پنهنجو ڏهه قبول ڪري ورتو آهي.پوليس موجب ڪيس ۾ 300 کان وڌيڪ ماڻهن کان جاچ ڪئي جنهن کان پوءِ 15 شڪي ماڻهن  کانسواءِ سمورن کي ڇڏيو ويو، شڪي ماڻهن مان هڪ شخص پنهنجو ڏوهه قبول ڪري ورتو آهي،قاتل کان قتل  ۾ استعمال ٿيل اوزار به هٿ ڪيو ويو آهي، جوابدار  قتل واري جڳهه جي به نشاندهي ڪئي آهي.پوليس موجب قاتل ٻڌايو آهي ته اسان ٻارڙي کي شيخ گهٽي مان اغوا ڪيو ۽ زيادتي جو نشانو بنائي کيس قتل ڪري ڇڏيو. ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدار جي عمر 40 سال آهي ۽ ان جو تعلق ٻارڙي جي ڳوٺ سان آهي،  جڏهن ته جوابدار جي نشاندهي تي پوليس باغ مان ٻارڙي جا جوتا به هٿ ڪري ورتا آهن. ٻارڙي کي 6 آڪٽوبر تي اغوا ڪري قتل ڪيو ويو  هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.