وفاق سنڌ سان بيٺڪيتي روش بند ڪري: نواز زنئور

حيدرآباد(رپورٽر) جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زنئور چيو آھي ته آئيلينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي کي رد ڪريون ٿا، ان اٿارٽي  جي ڪابه آئيني، قانوني ۽ اخلاقي حيثيت ناهي، اهڙي اٿارٽي جو چيئرمين مقرر ڪرڻ به هڪڙو آئيني مذاق آهي،وفاقي حڪومت سنڌ ڏانهن بيٺڪيتي روش بند ڪري،  هن چيو ته  اسان قومپرست سنڌي قوم جا وارث آھيون ۽ قوم خلاف ٿيندڙ ھر سازش ۽ ناانصافي خلاف آواز بلند ڪندا رھنداسين.

ٻيٽن تي سنڌ حڪومت ڪا به اين او سي ناهي ڏني: اويس قادر شاهه

سکر(رپورٽر) سنڌ صوبي جي ٻيٽن تي وفاقي حڪومت کي قبضوڪرڻ نه ڏينداسين،سنڌ حڪومت ڪابه اين اوسي ناھي  ڏني، اسيمبلي ۾ به قرارداد آڻينداسين ۽اسيمبلي توڙي آن روڊ پ پ پ موقف واضح آھي اھڙيون ڳالھيون صوبائي وزير ٽرانسپورٽ سيد اويس قادر شاھ ھڪ نجي ٽي وي چينل سان ڳالھائيندي وڌيڪ چيوته  سنڌ حڪومت نه ڪڏھن ڪو اھڙو ليٽر لکيو آھي ،جنھن کي توھان اين او سي ٿا چئو. ليٽر جو اشو اٿاري منفي پروپئگنڊاڪئي پئي وڃي ته سنڌ حڪومت پنھنجا ٻيٽ زمينون ڏئي ڇڏيون آھن.  اھو ليٽر عوام کي ڏيکاري سگھو ٿا.اسان نه پھريان موجوده وفاقي حڪومت سان گڏ ھئاسين نه ھاڻي آھيون.

سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جي قبضي خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.قاضي احمد ۾ نوجوان اتحاد  پاران عاشق سنڌي،  ساحل سنڌي ۽ اصغر علي شاھ جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،  ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ جا سامونڊي ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن،سنڌ اسيمبلي جا ميمبر سنڌ جي نمائندگي جو ثبوت ڏيڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي مان ٺهراءَ پاس ڪري ٻيٽن واري صدارتي آرڊِيننس کي رد ڪن.راڻيپور سول سوسائٽي جي سڏ تي شھرين حفيظ الرحمان,  اڪبر شاھاڻي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھروڪيو ويو

سون وري 1800 رپيا مهانگو، في تولو هڪ لک 16 هزار 200 رپين جو ٿي ويو

ڪراچي( رپورٽر) عالمي مارڪيٽ ۾ سون جا اگهه وڌڻ کان پوءِ پاڪستان ۾ به سون جي قيمت ۾ واڌ اچي وئي.عالمي مارڪيٽ ۾  في اونس 24 قيراط سون جي قيمت 16 ڊالر جي واڌ سان 1931 ڊالر جي سطح تي پهچڻ سبب مقامي مارڪيٽن ۾ به في تولي ۽ 10 گرام سون جي اگهن ۾ ترتيبوار 1800 ۽ 1543 رپين جي واڌ ٿي.جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ملتان، لاهور، فيصل آباد، اسلام آباد، راولپنڊي، پشاور ۽ ڪوئيٽا جي سونارا مارڪيٽن ۾ في تولي سون جي قيمت وڌي 116200 رپيا ۽ 10 گرام سون جي قيمت وڌي 99623 رپيا ٿي وئي.بلين مارڪيٽ جي نمائندن جو چوڻ آهي ته دبئي گولڊ مارڪيٽ جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني صرافا مارڪيٽن ۾ جمعي تي به في تولي سون جي قيمت 4000 رپيا گهٽ رهي آهي. اهڙي ريت في تولي چاندي جي قيمت 100 رپين جي واڌ سان 1300 ۽ 10 گرام چاندي جي قيمت 85 رپيا 74 پيسن جي واڌ سان 1114 رپيا 54 پيسا ٿي وئي.

لاهور ۾ شاگردياڻي کي هيسائيندڙ سب انسپيڪٽر گرفتار، ڪيس به داخل

لاهور( م ڊ ) لاهور جي خانگي هوٽل ۾ چيڪنگ دوران پوليس اهلڪارن طرفان شاگردياڻي کي هراسان ڪرڻ واري معاملي تي  ڪيپٽل سٽي پوليس آفيسر (سي سي پي او) لاهور عمر شيخ انڪوائري کان پوءِ هڪ سب انسپڪٽر کي گرفتار ڪرائي ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو.گذريل ڏينهن لاهور جي ٿاڻي سندر جي حدن ۾ موجود هڪ خانگي هوٽل ۾ پوليس اهلڪارن طرفان چيڪنگ دوران هڪ شاگردياڻي کي هراسان ڪرڻ جي سي سي ٽي وي منظر عام تي آئي هئي.متاثر عورت پنهنجي ويڊيو بيان ۾ الزام هنيو هو ته هن جو خانگي هوٽل ۾ قيام هو ته اوچتو  رات اڍائي وڳي ڪمري جو دروازو کڙڪيو ۽ دروازو کولڻ تي ٻه پوليس اهلڪار زوري ڪمري ۾ گهڙي آيا ۽ بي معنيٰ سوال ڪرڻ لڳا.عورت جو چوڻ هو ته هنن جي وڃڻ جي 10 منٽن کان پوءِ هڪ پوليس آفيسر ڪمري ۾ اچي ويو ۽ زباني هراسان ڪيو جڏهن ته زوري ڪمري ۾ داخل ٿيندڙ ٽيون پوليس آفسر پاڻ کي انچارج ظاهر ڪندو رهيو.متاثر ڇوڪري موجب پاڻ کي انچارج چوندڙ پوليس آفيسر کيس گاريون ڏنيون ۽ هراسان ڪندو رهيو.ڇوڪري جي ويڊيو سامهون اچڻ کان پوءِ انسپڪٽر جنرل (آءِ جي) پوليس پنجاب واقعي جو نوٽس وٺي انڪوائري جو حڪم ڏنو هو جنهن تي ايس پي صدر انڪوائري ۾ چوڪي طارق شهيد ڪمبوهه جي انچارج سب انسپڪٽر ارشد علي قصوروار قرار ڏنو.سي سي پي او لاهور عمر شيخ الزام ثابت ٿيڻ تي سب انسپڪٽر خلاف نواب ٽائون ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪرائي کيس گرفتار ڪرائي ڇڏيو.

سوات يونيورسٽي جي عورت پروفيسر جو انتظامي آفيسرن تي هيسائڻ جو الزام

سوات ( م ڊ )  سوات يونيورسٽي جي عورت اسسٽنٽ پروفيسر انتظامي آفيسرن تي هيسائڻ جو الزام هنيو آهي. عورت  اسسٽنٽ پروفيسر ڪانجو پوليس اسٽيشن ۾ سوات يونيورسٽي جي انتظامي آفيسرن خلاف ڪارروائي لاءِ درخواست به جمع ڪرائي ڇڏي آهي. درخواست ۾ عورت پروفيسر الزام هنيو آهي ته يونيورسٽي رجسٽرار ۽ ڊپٽي رجسٽرار کيس رات جو فون ڪري ذهني اذيت ڏين ٿا. يونيورسٽي جي ترجمان عورت پروفيسر جي الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته ضابطن تحت عورت ويمن ڪيمپس جون اضافي ذميواريون واپس ورتيون ويون هيون، وي سي جي هدايت تي اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.