سنڌ بلوچستان جي سامونڊي پٽي تي قبضي خلاف مزاحمت ڪرڻي پوندي: عبدالمالڪ بلوچ

ڪراچي(رپورٽر) قومپرستن ۽ دانشورن چيو آهي ته آزادي کان وٺي هينئر تائين ملڪ ۾ اڃا تائين مڪمل جمهوريت نه آئي آهي، ان لاءِ سمورين  ڌرين کي گڏجي عوام جي طاقت سان جمهوريت آڻڻي پوندي، هنن اهڙو اظهار ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب ۾ نيشنل پارٽي اڳواڻ مير حاصل بزنجو جي جي ياد ۾ ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، عوامي ورڪر پارٽي جي يوسف مستي خان چيو ته حاصل بزنجو پارليامينٽ ذريعي پنهنجي سوچ ۽ سياست کي اڳتي وڌايو، ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت لاءِ پي ڊي ايم تي به پريشر وجهڻو پوندو، هن چيو ته ملڪ فوج لاءِ ئي ٺهيو آهي، عوام ۽ جمهوريت لاءِ نه ٺهيو آهي، هن چيو ته عمران خان بي عقل آهي،بلوچستان فوج وٽ يرغمال آهي اتي فوج جي مرضي کانسواءِ ڪو به چونڊ ۾ ڪامياب نه ٿو ٿي سگهي، سنڌ ۽ بلوچستان جا ٻيٽ نه پر پوري سامونڊي پٽي تي قبضو ڪيو ويندو،  نيشنل پارٽي جي عبدالمالڪ بلوچ چيو ته ملڪ سيڪيورٽي اسٽيٽ بڻيل آهي، اهي جلد عوام جي نه مڃيندا عوام کي وڏي پريشر سان اچي جمهوريت کي پروان چاڙهڻو پوندو، ان لاءِ پي ڊي ايم به جدوجهد ڪري پئي، هن چيو ته 2018 واري چونڊ منحوس چونڊ هئي، جن کي شڪايت ڪيون انهن پاڻ پئي ٺپا هنيا، ملڪ ۾ جمهوريت لاءِ عوام کي جنگ ڪرڻي پوندي، سياستدان ته اڳ ئي گاريون کائين پيا، هن چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻيٽن تي آمر مشرف جي دور ۾ به قبضي جي ڪوشش ڪئي وئي هئي، جنهن کي مزاحمت ڪري ناڪام بڻايو، جيڪڏهن هاڻي ٻيٽن تي قبضي کي نه روڪيو ويو ته پوءِ سنڌ ۽ بلوچستان جي سموري سامونڊي پٽي تي قبضو ڪيو ويندو، هن چيو ته بلوچستان کي به انتظامي يونٽن ۾ ورهائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جنهن جي مزاحمت ڪنداسين، اسان کان وطن ڪير به کسي نه ٿو سگهجي. جڏهن ته نواز ليگ اڳواڻ شاهه محمد شاهه جي اکين ۾ مير حاصل خان جو ذڪر ڪندي لڙڪ ڀرجي آيا، هن چيو ته مير حاصل بزنجو جي مشن کي اسان گڏجي اڳتي وڌائينداسين، تقريب کي سماجي اڳواڻ مجاهد بريلوي، ڪرامت علي ۽ ٻين خطاب ڪيو، جڏهن ته تقريب ۾ عوامي آواز اخبار جو چيف ايڊيٽر ڊاڪٽر جبار خٽڪ ۽ ٻيا شريڪ ٿيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.