بلاول ۽ مريم نواز جي هڪ ٻئي کي جلسن ۾ شرڪت جي دعوت

ڪراچي(رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪازساز سانحي جي شهيدن جي ياد ۾ رٿيل جلاسي ۾ شرڪت لاءِ نواز ليگ اڳواڻ مريم نواز  کي دعوت ڏئي ڇڏي آهي، ڪالهه نواز ليگ اڳواڻن اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ مفتاح اسماعيل  بلاول هائوس ڪراچي پهچي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي ۽ کيس 16 آڪٽوبر گوجرانوالا ۾ پي ڊي ايم جي جلسي ۾ خطاب جي دعوت ڏني، جڏهن ته پ پ چيئرمين وري مريم نواز کي ڪراچي واري جلسي ۾خطاب لاءِ دعوت ڏني، ان موقعي تي ملڪ جي سياسي صورتحال تي غور ويچار پڻ ڪيو ويو،  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان تحريڪ کان اڳ ئي بوکلائجي گرفتارين جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، جيڪڏهن پي ڊي ايم جيل ڀريو تحريڪ شروع ڪئي ته جيلن ۾ جاءِ ئي نه هوندي، هن چيو ته حڪومت جي غريب دشمن پاليسين جي ڪري ملڪ پوئتي وڃي رهيو آهي، ملڪ ۾ مهانگائي، بيروزگاري ۽ لاقانونيت عروج تي آهي،  هن چيو ته سليڪٽڊ حڪومت کي هاڻي وڌيڪ برداشت نه ٿو ڪري سگهجي، پي ڊي اي جي تحريڪ ظالم حڪمرانن کي گهر ڀيڙو ڪري دم پٽيندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.