سليڪٽڊ حڪومت جا ڏينهن ڳڻجي ويا، نااهل وزيراعظم کي گهر موڪلينداسين: بلاول

ڪراچي ( رپورٽ ماريا اسماعيل ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سليڪٽيڊ حڪومت جا ڏينهن پورا ٿي ويا، عوام ۽ وڪيل برادري ساٿ ڏئي ته حڪومت جو خاتمو آڻينداسين، سٽي ڪورٽ ۾  ڪراچي بار ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو لائرز ڪلب جو افتتاح ڪرڻ کان پوءِ  تقريب کي خطاب ڪندي  هن چيو  ته وڪيل برادري حڪومت مخالف تحريڪ ۾ شرڪت ڪري،  بلاول ڀٽو چيو  ته غيرجمهوري قوتون هر حق تي ڌاڙو هڻي رهيون آهن، جڏهن اظهار جي آزادي نه هوندي ته پارليامينٽ رٻڙ اسٽيمپ رهندي ۽ ملڪي مسئلا حل نه ٿيندا، پيپلز پارٽي غير جمهوري قوتن اڳيان بيٺي آهي، گرفتاريون اسان لاءِ ڪا نئين ڳالهه نه آهي، اسان عوام خاطر حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ لاءِ نڪتا آهيون، 18 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ تاريخي جلسو ڪيو ويندو، آهي ، هن چيو ته وڪيلن ضياء، ايوب ۽ مشرف خلاف جدوجهد ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو هو، هاڻي به جمهوريت لاءِ وڪيلن جي سهڪار جي ضرورت آهي، ملڪي تاريخ ۾ اهڙو نااهل ۽ نالائق وزيراعظم ڪڏهن به ناهي مليو، نااهل وزيراعظم کي گهر ڀيڙو ڪرڻ وارو ڏينهن پري نه آهي.هن چيو ته اسان جو خورشيد شاهه اڄ به جيل ۾ آهي .شهباز شريف کي به جيل ۾ وڃي ڇڏيا آهن .گلگت بلتستان جي نوجوان 2005ع ۾ ممتاز علي خان کي گرفتار ڪيو ويو هن کي 2015ع ۾ ملٽري ڪورٽ  جي ذريعي سزاڏئي .اهڙي طرح اسان جي سياسي ڪارڪن کي ظاهر ڪيو ويو . هن چيو ته  جيستائين اسان جي پارليامينٽ رٻڙ اسٽيمپ رهندي، اسان جي ميڊيا سليڪٽڊ رهندي ۽ اسان پنهنجي عوام جا مسئلا حل نه ڪري سگهنداسين، اڄ غريب تي جيڪو ظلم ٿي رهيو آهي، اهو ميڊيا چئنلن کي ڏيکارڻ جي اجازت ناهي، اسان تاريخي مهانگائي جو مقابلو ڪري رهيا آهيون پر ميڊيا ٻڌائي ٿي ته اسان جي معيشت سڌي رُخ ڏانهن وڃي رهي آهي.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪڏهن پارليامينٽ ۾ مسئلن تي ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ته اسان مجبور ٿي توهان جا مسئلا روڊن تي اٿارينداسين،  پ پ چيئرمين وڌيڪ  چيو ته حڪومتي انتقام جي خلاف اڄ به جمهوري طاقتن سان گڏ بيٺل آهيون پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي اي) جي ذريعي حڪومت کي ختم ڪنداسين ، بلاول ڀٽو جي آمد جي موقعي تي وڪيل برادري طرفان سنڌ جي ٻيٽن تي وفاقي قبضي خلاف مظاهرو ڪيو ويو، ڏنگي ۽ ٻُنڊاڙ بيٽ وفاق حوالي ڪرڻ وارو فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو، پيپلز لايرز فورم جي اڳواڻن وڪيلن سان ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرائي ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.