اپوزيشن استعيفيٰ ڏئي، چونڊون ڪرائينداسين: شاهه محمود

ملتان ( م ڊ ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي  ته حڪومت جو احتساب تي رعايت ڏيڻ جو ارادو نه آهي. ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو اپوزيشن جماعتن جو اتحاد غير فطري آهي، مختلف ايجندن جا ماڻهو گڏ ٿي ويا آهن، اپوزيشن پارٽيون ڳٺ جوڙ طرف ڏسي رهيون آهن، پر حڪومت احتساب تي رعايت ڏيڻ جو ارادو نٿي رکي.  پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان مخالف ايجنڊا کي هوا ڏني پئي وڃي، مان پڇڻ چاهيان ٿو ته قومي ادارن تي تنقيد ڪرڻ وارا ڪنهن جي ايجنڊا تي آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته جلسا جلوس سياست جو حصو آهن، اسان به ان جا ماهر آهيون، اپوزيشن جا جلسا ملڪ ۾ ڪورونا کي هوا ڏيندا. هن چيو ته سينيٽ اليڪشن کان اڳ اپوزيشن کي شڪست نظر اچي رهي آهي. هن چيو ته اپوزيشن استعيفيٰ ڏئي اسان چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.