ٻيٽن تي قبضي خلاف 17 آڪٽوبر تي سڄي سنڌ ۾ احتجاج، پهرين نومبر تي ڪراچي ۾ ڌرڻي جو اعلان

حيدرآباد/ڄامشورو(رپورٽر+ ڊ ر) سنڌ جي قومپرست، ترقي پسند سياسي جماعتن، اديبن ليکڪن، سول سوسائٽي جي نمائندن  ۽ ساڃاهه وندن، پاڪستان جي مرڪزي سرڪار طرفان جاري ڪيل صدارتي آرديننس کي سنڌ دشمن سازش سمجهندي پي ٽي آءِ ۽ پيپلزپارٽيءَ جي ڳجهن معاهدن کي مڪمل طور رد ڪندي مرڪزي حڪومت طرفان جاري ڪيل صدارتي آرڊيننس کي سنڌ جي قومي وحدت تي وار قرار ڏيندي اعلان ڪيو آهي ته 17 آڪٽوبر تي سڄي سنڌ ۾ پرامن احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا ۽ پهرين نومبر تي ڪراچي ۾ لکين ماڻهو گڏ ڪري سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت کي انهيءَ فيصلي تي پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪيو ويندو. سنڌ ايڪشن ڪميٽي جو سربراهي اجلاس ايس يو پي سربراهه سيد جلال محمود شاهه جي صدارت هيٺ جي ايم سيد ايڊيفيس ڄامشورو تي ٿيو جنهن ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان قريشي، عوامي تحريڪ جو مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، جسقم آريسر جي چيئرمين اسلم خيرپوري، جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو، جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، عوامي تحريڪ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، انڊيجنس رائٽس الائنس جي خداڏنو شاھه، سامونڊي ٻيٽ بچايو الائنس انڊيجنس رائٽس الائنس جي گل حسن ڪلمتي، حاجي شفيع ڄاموٽ، اي جي پي اڳواڻ سيد لال شاھه، نور نبي راھوجو، امان الله شيخ، اي جي پي جي ڪنوينر ابرار قاضي، پ پ شهيد ڀٽو جي اڳواڻ عبدالمجيد سيال، امير آزاد پھنور، تاج جويو، عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي صدر بخشل ٿلھو، نواز شاھ ڀاڏائي، ڊاڪٽر عبدالمجيد چانڊيو، پروفيسر مشتاق ميراڻي، (ن) ليگ اڳواڻ انور سومرو، نيشنل پارٽي جي اڳواڻ تاج مري، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻ ھوت خان گاڏھي، پورهيت مزاحمت جي مسرور شاھه، جي يو آءِ اڳواڻ مولانا تاج محمد ناھيون ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پيپلزپارٽيءَ جي سنڌ سرڪار کان گُهر ڪئي وئي ته سنڌ اسيمبلي جو فوري طور اجلاس گهرائي وفاق طرفان سنڌ جي ٻيٽن متعلق جاري ڪيل صدارتي آرڊيننس کي مڪمل طور رد ڪيو وڃي. اجلاس ۾ اهو پڻ مطالبو ڪيو ويو ته سينيٽ اندر مخالف جماعت جي اڪثريت آهي تنهنڪري پيپلزپارٽي سنڌ جي ٻيٽن واري آرڊيننس کي سينيٽ مان رد ڪرائڻ لاءِ قرارداد پيش ڪري، سنڌ حڪومت سنڌ اسيمبلي مان سنڌ جي ٻيٽن جو ائڪٽ پاس ڪري ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽ سميت سنڌ جي حدن ۾ سمورن ٻيٽن جي سروي ڪرائي ان زمينن کي سنڌ جي سروي زمين جي رڪارڊ ۾ آڻي، اجلاس ۾ وفاق طرفان صدارتي آرڊيننس ذريعي ٻيٽن تي قبضي کي وفاق جي نالي ۾ پنجاب جي سنڌ تي والار سمجهندي اعلان ڪيو ويو ته انهيءَ آرڊيننس جي خلاف سخت مزاحمت ڪئي ويندي، 6 جولاٰءِ تي سنڌ سرڪار طرفان ڀنڊار ٻيٽ، پورٽ قاسم اٿارٽيءَ جي آڙ ۾ وفاق حوالي ڪرڻ جو خط ظاهر ڪري ٿو ته سنڌ سرڪار ۽ وفاقي سرڪار ڳجهه ڳوهه ۾ معاهدا ڪري سنڌ ۽ پاڪستان جي عوام سان دوکو ڪيو آهي، جنهن ڪري سنڌ سرڪار ڳجهه ڳوهه ۾ وفاقي سرڪار سان جيڪي به معاهدا ڪيا آهن، اهي سنڌ جي عوام آڏو منظرِعام تي آندا وڃن، پيپلزپارٽيءَ جي سنڌ سرڪار سنڌ جي عوام سان بدترين تاريخي دوکو ۽ ويساهه گهاتي ڪئي آهي ۽ هي اجلاس سنڌ جي عوام کي اپيل ٿو ڪري ته پيپلزپارٽيءَ کي ان سوديبازيءَ واري سياست جو سخت احتساب ڪري، سنڌ سرڪار، وفاقي سرڪار سان  ڳجهه ڳوهه ۾ ڪيل سڀ معاهدا رد ڪندي، سنڌ جي عوام کان معافي وٺي، سنڌ اسيمبلي ۽ سنڌ ڪابينا چٽيءَ ريت اها آئيني پوزيشن واضع ڪري ته پورٽ قاسم اٿارٽيءَ جي اختيار هيٺ ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن سميت ڪو به ٻيٽ سندن اختياريءَ هيٺ نٿو اچي ۽ 12 ناٽيڪل ميلن تائين سنڌي سمنڊ ۽ ان ۾ واقع ٻيٽ فقط ۽ فقط سنڌ جي ملڪيت آهن، اجلاس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته اقوام متحده جي رام سر ڪنوينشن تحت سنڌ جي ويٽ لينڊس کي  ماحولياتي تحفظ حاصل آهي، جنهن سبب انهن ٻيٽن تي ڪا به اڏاوت جي رٿا رد ڪئي وڃي، اجلاس ۾ گڏيل طور تي فيصلو ڪيو ويو ته مٿين نقطن سان جيڪي فرد يا جماعتون متفق هوندا انهن کي هن اتحاد ۾ شامل ڪيو ويندو، اجلاس ۾ اتفاق راءِ سان فيصلو ڪيو ويو ته ڄاڻايل مطالبن جي مڃتا تائين پرامن مزاحمتي تحريڪ هلائي ويندي، هن تحريڪ جو آغاز ته سنڌ کان ٿيندو پر هن جو دائرو اڳيان هلي ملڪي سطح تائين وسيع ڪيو ويندو ۽ خاص طور سنڌ بلوچستان اتحاد جوڙي سمنڊ تي سنڌ ۽ بلوچستان جي مالڪيءَ جي تاريخي حقن جي حفاظت ڪئي ويندي، اجلاس ۾ سنڌي عوام سان گڏوگڏ سنڌ ۾ مستقل آباد سمورين ڪميونٽيز خاص طور ڪراچيءَ جي عوام ۽ ڪاروباري ماڻهن کي سنڌ جي ٻيٽن جي حفاظت ۽ سنڌ جي اجتماعي مفادن لاءِ اجتماعي جدوجهد ڪرڻ ۽ اجتماعي پليٽ فارم جوڙڻ جي دل جي گهراين سان دعوت ڏني وئي، اجلاس ۾ سنڌ ۽ پاڪستان سميت سمورين بين الاقوامي سرمائيدار ڪمپنين ۽ حڪومتن جي آڏو چٽيءَ ريت واضع ڪيو ويو ته سنڌ جي عوام جي ترجمانيءَ جو حق پيپلزپارٽيءَ جي سنڌ سرڪار سنڌ جي عوام سان دوکو ڪري وڃائي ويٺي آهي ۽ جيڪو به معاهدو سنڌ جي عوام جي مرضيءَ بنا سنڌ سرڪار سان ڪيو ويندو ان جي ڪا به قانوني، اخلاقي ۽ آئيني حيثيت نه هوندي سنڌ ايڪشن ڪميٽي ڪيو ته 17 آڪٽوبر تي سڄي سنڌ ۾ پرامن مظاهرا ڪيا ويندا ۽ پهرين نومبر تي ڪراچي ۾ لکين ماڻهو گڏ ڪري سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت کي انهيءَ فيصلي تي پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪندا. اجلاس بعد ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي اڳواڻن چيو ته پاڪستان جي وفاق ۾ شامل ٿيڻ جي پهرين ڏينهن کان وٺي سنڌ جي زمين، وسيلن ۽ حق حڪمراني تي وفاق هميشه قبضي جي نيت سان والار ڪندو رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.