جسقم پاران ٻيٽن تي قبضي خلاف 25 آڪٽوبر تي ٻٻر لوءِ ۾ ڌرڻي جو اعلان

ڪراچي(پ ر)جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي صدارت ۾ ڪراچي گلشن حديد ۾ پارٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا،  جسقم چيئرمين چيو ته سنڌ جي جاگرافيائي ۽ وحدانيت خلاف ڪا به سازش برداش نه ڪنداسين، هن چيو ته وفاق سنڌ ۾ مداخلت بند نه ڪئي ته روڊ تي ڌرڻا هڻي وفاق جي رسد کي بند ڪيو ويندو، هن ڏينگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن تي قبضي خلاف 25 آڪٽوبر تي ٻٻر لوءِ بائي پاس تي ڌرڻي جو اعلان ڪندي چيو ته سمنڊ، درياءُ، شهرن، ڳوٺن، ٻيٽن سميت سنڌ جي مٽي ۽ دز جا وارث آهيون، اجلاس ۾ جسقم مرڪزي وائيس چيئرمين امجد خان مهيسر، جسقم مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام شريڪ ٿيان هنن اجلاس ۾ چيو ته سنڌ جي مالڪي مسلسل جدوجهد سان ڪئي ويندي، اجلاس ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سموري جدوجهد ۾ ڀرپور شرڪت ڪرن جو فيصلو پڻ ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.