پ پ سنڌ سان ويساهه گهاتي ڪئي آهي: ڊاڪٽر قادر مگسي

ملير (رپورٽ : جميل چانڊيو) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي خلاف 11 آڪٽوبر  تي ٿيندڙ احتجاج صرف ترقي پسند پارٽي نه پر سنڌ جو قومي ميڙ آهي جنهن ۾ وفاقي پارٽيون ۽ قومپرست پارٽيون اسان سان گڏ هونديون، پيپلز پارٽي سنڌ سان ويساهه گهاتي ڪئي آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ سنڌ دشمن پارٽي آهي جنهن صدارتي آرڊيننس جاري ڪري زبردستي سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي جي ڪوشش ڪئي آهي، ٻيٽن جي معاملي تي پيپلز پارٽي ۽ پي ٽي آءِ هڪ ٻئي جا پول پڌرا ڪرڻ ۾ پورا آهن، بحريا ۽ ڊي ايڇ اي منصوبن بعد سنڌ جي ٻيٽن تي 40 لک ڌارين جي منصوبي خلاف آخري دم تائين جدوجهد جاري رکنداسين.  اهڙن خيالن جو اظهار هن ملير پريس ڪلب ۾ ميٽ دي پريس کي خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته بلوچستان ۽ سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق پاران آئلينڊ اٿارٽي جوڙڻ جي صدارتي آرڊيننس کي مڪمل طور رد ڪريون ٿا، ترقي جي نالي تي اڳ ۾ ئي ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌين سان زيادتيون ڪيون ويون آهن، ڪراچي کي انسانن جو جهنگ بڻايو ويو آهي جتي کين ڪابه انساني زندگي جون بنيادي سهولتون نه ڏنيون ويون آهن، ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته 2006 ۾ آمر مشرف جي دبئي جي ڪمپني المار کي ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽ ليز تي ڏنا جنهن خلاف ڀرپور مزاحمت ڪئي ۽ ان ڪمپني کي ڀڄائي ڇڏيو، هن چيو ته آءُ ڪراچي سميت سنڌ ۾ رهندڙ اردو ڳالهائيندڙن کي سڀاڻي ٿيندڙ احتجاج ۾ شرڪت جي دعوت ڏيان ٿو، ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ ترقي پسند پارٽي ٻيٽن خلاف نڪرندڙ احتجاجي ريلي جي ميزبان هوندي ان احتجاجي ريلي ۾ پاڪستان جون پارليماني پارٽيون مسلم ليگ ن، جي يو آئي، جماعت اسلامي، عوامي نيشنل پارٽي، بلوچستان نيشنل پارٽي، جسقم، ايس يو پي سميت سنڌ ۽ بلوچستان جي قومپرست پارٽيون شريڪ ٿينديون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.